اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي واپسي جي عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي ناپاڪ منصوبابندي جو انڪشاف ٿيو آهي.هاڻي ملڪ دشمن قوتون افغانين جي واپسي جي عمل کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿي چڪيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانين جي ڪئمپن ۾ يا سندن نقل و حمل دوران تشدد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، شرپسند عنصرن کي افغانين کي جبري طور تي سيڪيورٽي اهلڪارن جون تصويرون ۽ وڊيوز ڪڍڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، شرپسند عنصر عورتن ٻارن کي حراسان ڪندا ته تصويرون ۽ وڊيوز شامل ڪيون وڃن، تصويرون ۽ وڊيوز کي منصوبي تحت پاڪستان خلاف پروپيگنڊا طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.ذريعن موجب چمن ۽ اسپن بولڊڪ ۾ پرتشدد مظاهرن ذريعي افراتفري پکيڙڻ جو به منصوبو آهي، منصوبي تحت پاڪستاني پاسي کان ڪراسنگ پوائنٽ تي افغانين تي فائرنگ ڪرڻ جو به منصوبو آهي ته جيئن فوري طور افراتفري پکيڙي سگهجي.