غزا (م ڊ) غزا تي اسرائيل جي لاڳيتو جارحيت جاري آهي جنهن ۾ اسرائيلي بمباري سبب ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ سوڌو مواصلاتي نظام مڪمل بند ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلسطين جي ٽيلي ڪميونيڪيشن ايجنسي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته غزا پٽي ۾ انٽرنيٽ سوڌو سمورو مواصلاتي نظام ڪٽجي ويو آهي. فلسطيني ٽيلي ڪميونيڪيشنز ڪمپني (پالٽل) چيو ته اسان ڏک سان اهو اعلان ڪريون ٿا ته مواصلات سميت انٽرنيٽ سروس غزا پٽي ۾ مڪمل طور تي ختم ڪئي وئي آهي. شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار 700 کان ٽپي ويو آهي. ٻئي پاسي غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جو سلسلو 26 هين ڏينهن به جاري آهي ۽ هوائي بمباري سان گڏوگڏ زميني حملا به تيز ڪيا ويا آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو گڏيل انگ 8 هزار 700 کان وڌي ويو اهي ۽ 23 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن، شهيدن ۾ 3542 ٻار ۽ 2187 عورتون به شامل آهن جڏهن ته 2 هزار ماڻهو اڃا به تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺ دٻيل آهن جن ۾ 1100 ٻار به شامل آهن. ان کانسواءِ غزا ۾ اسرائيل وحشياڻي بمباري سان گڏوگڏ 9 آڪٽوبر کان ٻارڻ جي سپلاءِ به بند رکي آهي جنهن جي نتيجي ۾ طبي نظام مڪمل طور تي بند ٿيڻ جي ويجهو آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ هو ته ماڻهن لاءِ سموريون ڪوششون ۽ اسپتالن لاءِ ٻارڻ جي ڳولا کان پوءِ هاڻي اسان پنهنجي سفر جي پڄاڻي تي پهچي ويا آهيون، جيڪڏهن ڪو معجزو نه ٿيندو ته شفا اسپتال جو جنريٽر اڄ کان بند ٿي ويندو. فلسطيني صحت واري وزير مائي الڪيلا تصديق ڪئي ته غزه جي پٽي ۾ 35 مان غير فعال اسپتالن جو انگ 16 ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسپتال ۾ علاج هيٺ 70 ڪينسر جي مريضن جي زندگين کي سنگين خطرو آهي.