اسلام آباد (اي پي پي) پارليامينٽ جي مٿئين ايوان سينيٽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ بربريت خلاف مذمتي ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي. سينيٽر اسحاق ڊار ٺهراءَ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سينيٽ آف پاڪستان غزه ۾ فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي جي معاملي تي پنهنجي هنگامي اجلاس م انسانيت خلاف اسرائيلي ڏوهن ۽ رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿي. دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل غزه جي والاريل پٽي ۾ ترسيل فلسطين جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي. ٺهراءَ ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مڪمل حمايت ۽ اسرائيل جي حمايت ڪندڙن جي ٻٽي معيار ۽ منافقت جي مذمت ڪئي آهي،