ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 2007ع ۾ ميهڙ ڀرسان گينگ ريپ جو نشانو بڻيل نينگري ڪائنات سومرو ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ايس ايڇ او ميھڙ کي پيش نه ٿيڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيوآهي .عدالت ايس ايڇ او ميھڙ کي 15 نومبر تي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي ،عدالت ڪيس ۾ بري ٿيل ڌرين جو مسلسل عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب ايس ايڇ او کي ڌرين کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.ايس ايڇ او ميھڙ ڌرين کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ۽ پاڻ به پيش نه ٿيو، عدالت ايس ايڇ او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.ٽرائل ڪورٽ اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو ھو، ڪائنات سومرو 2013ع ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، اپيلون 14 سالن کان التوا جو شڪار آهن، عدالت 13 سالن ۾ به فيصلو نه ڏئي سگھي آهي، جوابدارن تي ميھڙ جي رهواسڻ ڪائنات سومرو سان زيادتي جو الزام آهي.