پونا ( م ڊ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 32 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا نيوزيلينڊ کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 190 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ ڇهين فتح سان سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي /ڏسو صفحو 7 ڪالم 7
راهه هموار ڪري ورتي آهي. پوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 357 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا جي 358 رنسن جي ٽارگيٽ جي پويان نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 36 هين اوور ۾ 167 رنسن تي ڍير ٿي وئي، گلين فلپس 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. نيوزيلينڊ خلاف فتح کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا 12 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل ۾ پهرين پوزيشن تي اچي وئي آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ 7 مان 3 ميچون هارائڻ کانپوءِ 8 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي.