اسلام آباد(م ڊ) سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي وڌيڪ شاهد پيش ڪري ڇڏيا آهن. ايندڙ ٻڌڻي کان شاهدن کان آڏي پڇا ٿيندي. ريفرنس ۾ 10 سرڪاري شاهدن عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته پيش ٿيڻ وارن شاهدن ۾ عمران سجاد، عقيل حيدر، شمعون قيصر، ايم افضل، نادر خان، اقرا اشرف، فرخ عباس، حسيب بن عزيز، شبير ۽ خوشنود شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پبلڪ پراسيڪيوٽر رضوان عباسي ۽ سردار شوڪت شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا پر عدالتي ڪمري ۾ موجود شاهدن جا مڪمل بيان رڪارڊ نه ڪيا ويا، ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن جا تفصيلي بيان رڪارڊ ڪيا ويندا. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي جيل ٽرائل خلاف درخواست تي قانون واري وزارت جي آفيسرن کي طلب ڪري ورتو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت هي پهريون ڪيس آهي جنهن جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ججن جي سربراهي ۾ ٿي رهي آهي، اڳوڻي وزيراعظم جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيو.
گئس اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ سان 400 اربن جو نقصان ٿئي ها: توانائي وزير
اسلام آباد (م ڊ) توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته ملڪ جو نقصان ختم ڪرڻ لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ ضروري هئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد علي چيو ته پاڪستان ۾ گئس جو اگهه حڪومت ڏيندي آهي، اوگرا کي هن سال 697 ارب رپيا گهرجن ته جيئن گئس خريدي سگهجي. هن چيو ته گذريل 10 سالن کان گئس جا ذخيرا گهٽجندا پيا وڃن، اڄ هزار ارب رپين کان گهٽ جي گئس ۽ آئل ڪڍي رهيا آهيون، ڇو ته گئس جي مقامي پيداوار گهٽ آهي، آر ايل اين جي جي درآمد ڪرڻي پوندي آهي، مقامي سطح تي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ 210 ارب ادا ڪرڻا پوندا آهن، هلندڙ مالي سال به اگهه نه وڌايون ها ته 400 اربن جو نقصان ٿئي ها. 10 ورهين ۾ گئس ڪمپنين کي 879 اربن جو نقصان ٿيو، سموري گئس چين جو نقصان 2100 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي پر گئس اگهه وڌائڻ سان هاڻ پيٽروليم سيڪٽر جو سرڪلر ڊيٽ نه وڌندو.
صرف هڪ شخصيت خاطر چونڊون ملتوي ڪيون پيون وڃن : پ پ
ڪراچي (م ڊ ) پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته چونڊون رڳو هڪ شخصيت سبب دير جو شڪار ٿي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري آئيني ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلز پارٽي جڏهن چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪندي آهي ته ننڊي قد وارن جي پيشاني تي پگهر وهي ايندو آهي، رڳو هڪ شخص لاءِ قانون جو پيئمانو مختلف هجڻ ڪري ڪيترائي سوال پيدا ٿي رهيا آهن. پ پ اطلاعات سيڪريٽري چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ٿيڻ سبب ملڪ جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي، رڳو سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي بدلين جو طوفان آهي باقي ٽن صوبن ۾ ناهي.