حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ضلعي ۾ موجود افغانين سميت ٻين غير قانوني طور تي ترسيل ماڻهن جي نيڪالي جي لاءِ انتظاميا پاران تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت ٻين ملڪن جي شهرين جي نيڪالي جي ضلعي انتظاميا پاران هڪ عام اطلاع به جاري ڪيو ويو جيڪو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿيل آهي، جڏهن ته افغاني شهري معمول واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڊيڊ لائين ختم ٿي وڃڻ باجود هنن رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي ملڪ وڃڻ جي لاءِ ڪا تياري نه ڪئي آهي. سرڪاري انگن اکرن ۾ چيو پيو وڃي ته حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ غيرقانوني رهندڙ هڪ لک 25 هزار افغانين کي واپس موڪلڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن، واپس ويندڙن کي عارضي ترسائڻ لاءِ لطيف آباد جي ڪوهسار واري علائقي ۾ هولڊنگ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،. ان سلسلي ۾ ڊي سي حيدرآباد طارق قريشي جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين جي پاڻمرادو واپس ڏيھه وڃڻ واري ڊيڊ لائين پوري ٿيڻ کانپوءِ کين ڏيھه موڪلڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن، هن ٻڌايو ته ڊويزن جي ٻين ضلعن ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهين کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ لطيف آباد ڪوهسار جي پوليس ريڪروٽمينٽ سينٽر واري هنڌ هولڊ اپ پوائنٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي،