حيدرآباد (رپورٽر) هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ويرو ڪولهڻ خانگي جيل مان هڪ ئي وقت 400 باندي بڻيلن کي بازياب ڪرايو، جنهن تي آمريڪا جي هڪ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم فار دي فليو آمريڪا گهرائي کيس انساني حقن جو عالمي ايوارڊ ڏنو.
ويرو ڪولهڻ ڪٽنب سميت ڪيترائي سال عمرڪوٽ جي زميندار جي خانگي جيل ۾ قيد رهي
حيدرآباد ( رپورٽر ) ڪامريڊ ويرو ڪولهڻ ڪيترائي سال پنهنجي ڪٽنب جي 45 ماڻهن سيمت عمرڪوٽ جي هڪ زميندار جي خانگي جيل ۾ قيد هئي، جتان هوءِ فرار ٿي ايڇ آر سي پي وٽ پهتي، پوليس جي مدد سان هن پنهنجا سمورا ماڻهو بازياب ڪرايا ۽ ماتلي جي هڪ هاري ڪيمپ ۾ پناهه ورتي هڪ سال بعد هوءَ هوسڙي لڳ هاري ڪميپ ۾ منتقل ٿي وئي.
لڳاتار جدوجهد ۽ وڏيرن جي انتقام سبب ويرو ڪولهڻ ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ رهي
حيدرآباد ( رپورٽر ) ويرو ڪولهڻ پاڪستان پاسبان سنڌ جي اقليتي ونگ جي صدر ۽ گرين رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جو اهم حصو رهي، جبري پورهيي خلاف لڳاتار جدوجهد جي ميدان ۾ رهڻ ڪري وڏيرن جي انتقام جو نشانو بڻجڻ سبب ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ قيد رهي، جواني کان وٺي پوڙهائپ تائين ويرو ڪولهڻ هارين ۽ پورهيت جي حقن لاءِ ٿيندڙ احتجاجن، مظاهرن ۽ بک هڙتالن ۾ حصو وٺندي نعريٰ هڻندي نظر آئي.