سپريم ڪورٽ ماتحت عدالتن کي نيب ڪيسز جو فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ نيب ترميمن واري ڪيس کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي تفصيلي فيصلي سان مشروط ڪند ٽرائل ڪورٽس کي نيب ريفرنسز جي حتمي فيصلي کان روڪي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس اظهر رضوي تي ٻڌل پنج رڪني لارجر بئنچ نيب ترميمن واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان ۽ فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته نيب قانون ۾ ترميمن واري ڪيس جو اقليتي فيصلو پڻ اچي چڪو آهي، اپيل ۾ وفاقي سرڪار هڪ نڪتو پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جو اُٿاريو آهي، ڇا اوهان ان نڪتي جي پيروي ڪرڻ چاهيو ٿا؟ .

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اوهان جا دليل مڃيا ويا ته نيب ترميمن خلاف درخواستون التوا هيٺ تصور ٿينديون ۽ التوا هيٺ درخواست تي نئين سر پنج رڪني بئنچ فيصلو ڪندي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اپيلن تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون لاڳو هئڻ جي حمايت ڪري ڇڏي ان تي چيف جسٽس چيو ته اڃا تائين پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جو تفصيلي فيصلو ناهي آيو، ڇا مناسب نه ٿيندو ته پهرين تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي؟.

چيف جسٽس چيو ته اِهو چوڻ درست ناهي ته نيب ترميمن ذريعي ڪنهن فائدو حاصل ڪيو، نيب ترميمن مان ڪو به آجو ناهي ٿيو، رڳو ڪيسن جو فورم بدليون آهي.

ان دوران فاروق ايڇ نائيڪ نيب ترميمن واري ڪيس جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نيب ترميمن واري ڪيس جي فيصلي کي معطل نه ڪنداسين، رڳو احتساب عدالتن کي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪينداسين.

چيف جسٽس چيو ته نيب ترميمن خلاف اپيل کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي تفصيلي فيصلي اچڻ کانپوءِ مقرر ڪنداسين، پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي نقطي تي دليل ڏيندا ته عدالت کي سيڪشن چار کي ڏسڻو پوندو، جيڪڏهن پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي نقطي تي سيڪشن چار لاڳو ٿئي ٿو ته پنج رڪني بئنچ نئين سر نيب ترميمن وارو ڪيس ٻڌندي.

سپريم ڪورٽ نيب قانون ۾ ترميمن بابت انٽرا ڪورٽ اپيل جي حتمي فيصلي تائين ٽرائل ڪورٽس کي نيب ريفرنسز جي حتمي فيصلي کان روڪي ڇڏيو.

چيف جسٽس چيوته سپريم ڪورٽ نيب ترميمن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪري ٿي، نيب، اٽارني جنرل، چئني صوبن جا ايڊووڪيٽ جنرلز ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي به نوٽيس جاري ڪيو وڃي ٿو.

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن واري ڪيس کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي تفصيلي فيصلي سان مشروط ڪندي ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.