ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ سيڪريٽريٽ تي راڪيٽ لانچر سان حملي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٽن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
عدالت 29 ورهين بعد فيصلو ٻڌائيندي ايم ڪيو ايم جي مبينا ٽارگيٽ ڪلرز سعيد ڀرم، فهيم مرچي ۽ ناصر خجي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
عدالتي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد ناهن ته کين آزاد ڪيو وڃي.
پراسيڪيوشن موجب جوابدارن 1995ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ تي راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو هو، حملي ۾ ان وقت جي وزير نثار کهڙي سميت ٻين جون آفيسون تباهه ٿيون هيون.
پراسيڪيوشن موجب 2016 ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري فهيم عرف مرچي ۽ ناصر عرف خجي کي گرفتار ڪيو هو، جوابدارن اعتراف ڪيو ھو ته کين ھٿيار سعيد ڀرم فراھم ڪندو هو.
You might also like