” پي ٽي آءِ سان اتحاد کان پاسو ڪريو“پ پ کي پيغام

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  پيپلز پارٽيءَ  کي پيغام ملي ويو آهي ته پي ٽي آءِ سان اتحاد جو سوچيو به نه وڃي.

ان سلسلي ۾ نامياري صحافي صديق ساجد جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽيءَ  جا اهڙا بيان اچي رهيا هئا جن  مان اهو تاثر   ملي رهيو هو ته چونڊن ۾ پيپلز پارٽي شايد پي ٽي آءِ سان اتحاد جو سوچي رهي آهي.

ان صورتحال جي تناظر ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پيغام اماڻيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي سمجهايو وڃي ۽ پي ٽي آءِ سان بطور پارٽي اتحاد کان پاسو ڪيو وڃي، شخصيتن يا سياسي پارٽين سان اتحاد ڪيو  وڃي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 31 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.