ارجنٽينا کي ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ ليونل ميسي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

پئرس ( ويب ڊيسڪ ) ارجنٽينا سان واسطو رکندڙ فٽبال جي دنيا جي مشهور اسٽرائيڪر ليونل ميسي 2023ع جي بهترين رانديگر جو انعام ” بيلن ڊي اوور “ رڪارڊ اٺون ڀيرو کٽي ورتو آهي.

پئرس ۾ ٿيل تقريب ۾ ميسي کي سال 2023ع جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

ان کانسواءِ ميسي جي ارجنٽينا ٽيم جي ساٿي اميليانو مارٽينيز بهترين گول ڪيپر جي ” ياشن ٽرافي“ کٽي ورتي جڏهن ته انگلينڊ جي ريال ميڊرڊ جي مڊ فيلڊر جوڊ بيلنگهم کي ” ڪوپا ايوارڊ “ سان نوازو ويو .

ليونيل ميسي جو عالمي ڪپ 2022ع ۾ ارجنٽينا کي 36 ورهين کانپوءِ ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو، ميسي ورلڊ ڪپ دوران ست گول اسڪور ڪيا، ٽن گولن ۾ مدد ڪئي جڏهن ته هن گذريل سيزن دوران 41 ميچن ۾ 21 گول اسڪور ڪيا.

ان کانسواءِ ميسي هلندڙ سال آمريڪي فٽبال ڪلب انٽر ميامي کي پهريون ڀيرو ليگز ڪپ کٽرائڻ ۾ به ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو، هن مئجر ليگ جي 14 مقابلن ۾ يارنهن گول اسڪور ڪيا هئا.

ميسي سڀ کان وڌيڪ اٺ ڀيرا ” بيلن ڊي اور “ ايوارڊ کٽي چڪو آهي، هن بيلن ڊي اور ايوارڊ پهريون ڀيرو 2009ع ۾ کٽيو هو، جڏهن ته 2010،2011، 2012، 2015، 2019 ۽ 2021 ۾ به اِهو اعزاز ميسي جي نالي رهيو.

پرتگال جي ڪرسٽيانو رونالڊو اِهو ايوارڊ پنهنجي ڀيرا پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي، رونالڊو آخري ڀيرو 2017ع ۾ سال جي بهترين فٽبال جو ايوارڊ کٽيو هو.

گذريل سال بيلن ڊي اور ايوارڊ فرانسيسي فٽبال ڪريم بينزيما جي نالي رهيوهو.

ياد رهي ته بيلن ڊي اور ايوارڊ فرانس فٽبال طرفان سال جي بهترين فٽبالر کي ڏنو ويندو آهي جڏهن ته ان ۾ سڄي دنيا مان سئو صحافي فاتح لاءِ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.