پوني( ويب ڊيسڪ ) افغانستان گذريل ڏينهن آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 30 هين ميچ ۾ سريلنڪا کي ست وڪيٽن تان هارائي ايونٽ ۾ ٽين فتح حاصل ڪري ورتي ۽ سيمي فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو.
ڀارتي شهر پوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
سريلنڪن ٽيم پهريان کيڏندي 49.3 اوورن ۾ 241 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
افغانستان 242 رنسن جو هدف ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 46 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
پوائنٽس ٽيبل تي نظر ڊوڙائي وڃي ته افغان ٽيم ڇهن پوائنٽن سان پنجين پوزيشن تي اچي وئي آهي، افغانستان پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
جيڪڏهن افغانستان پنهنجي ايندڙ ميچن ۾ نيڌرلينڊز، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ٿو ته هو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿو.
هن وقت پوائنٽس ٽيبل تي ڀارت پهرين، ڏکڻ آفريڪا ٻئي، نيوزيلينڊ ٽئين، آسٽريليا چوٿين، سريلنڪا ڇهين ۽ پاڪستان ستين نمبر تي موجود آهي.
پاڪستان کي به سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ اڄ بنگلاديش کي شڪست ڏيڻ سميت انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ کي به هارائڻو پوندو، ان کانسواءِ آسٽريليا جي ايندڙ ميچن ۾ شڪست به پاڪستان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.