لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق جي استعيفيٰ ۽ جاچ واري معاملي تي قائم ڪميٽي اڄ کان ئي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جي چونڊ واري عمل ۽ مفادن جي ٽڪراءَ جي حوالي سان پنج رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي اڄ کان ئي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف کي جمع ڪرائيندي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جاچ جلد مڪمل ڪرائڻ جو خواهشمند آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو جاچ ڪميٽي طرفان هڪ هفتي اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جو امڪان آهي.
پي سي بي طرفان قائم ڪيل پنج رڪني ڪميٽي ۾ اينٽي ڪرپشن اينڊ ويجلنس يونٽ جي ڪرنل خالد، ڪرنل اختر، ڊائريڪٽر ميڊيا عاليا رشيد سميت ليگل ڊپارٽمينٽ جا نمائندا ۽ آڊيٽر فنانس شامل آهن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ انضمام الحق جو هڪ ڪمپني سان شيئر هولڊر هجڻ وارو معاملو سامهون آيو هو پر چيف سليڪٽر انضمام الحق ڪميٽي جڙڻ کان اڳ ئي چيف سليڪٽر جي عهدي تان مستعفيٰ ٿي ويو هو.