غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جو سلسلو 25 هين ڏينهن به جاري آهي ۽ هوائي بمباري سان گڏوگڏ زميني حملا به تيز ڪيا ويا آهن.
فلسطيني صحت وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۾ وڌيڪ 219 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
بيان موجب 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيل تائين 8525 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شهيد ٿيلن ۾ 3542 ٻار ۽ 2187 عورتون به شامل آهن.
اهڙيءَ طرح هيل تائين 21 843 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن.
بيان موجب ٻه هزار ماڻهو اڃا به تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺ دٻيل آهن جن ۾ 1100 ٻار به شامل آهن.
فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ هو ته اسرائيل طرفان اسپتالن ۽ طبي مرڪزن کي ڄاڻي واڻي نشانو بنائڻ جو سلسلو به جاري آهي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته طبي ٽيمن جي خلاف جنگي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي ۽ 130 طبي ورڪرز شهيد ٿي چڪا آهن.
بيان موجب هيل تائين 57 طبي مرڪزن کي اسرائيل ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو جن مان 32 مرڪز ٻارڻ جي کوٽ يا تباهه ٿيڻ سبب بند ٿي چڪا آهن.
غزا جي ترڪ فرينڊشپ ڪينسر اسپتال تي به اسرائيل طرفان بمباري ڪئي وئي جنهن سبب اسپتال جو هڪ حصو تباهه ٿي ويو ۽ ڪينسر جو شڪار ڪيترن ئي مريضن ان جي ڪري ڏکيائين کي منهن ڏنو.
You might also like