ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي ٻه رڪني بئنچ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي،سنڌحڪومت جي وڪيل چيو ته سنڌحڪومت پيپر ليڪ ٿيڻ جي انڪوائري ڪئي آهي .انڪوائري ڪميٽي جي سفارش تي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي .جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن پيپر ليڪ ڪيو آهي ان تي ڪيس ٿيڻ گهرجي،ٻيهر ٽيسٽ ڇو ٿي ورتي وڃي؟ ست درخواستگذارن جي ڪري 40هزار شاگرد ڊسٽرب آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته صرف ست شاگردنه آهن بلڪ 11آهن .هڪ ٻئي به درخواست آهي جنهن ته اڄ ٻڌڻي ٿيندي .درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته پيپرليڪ ٿيڻ جي ڪري جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي بدران ڊائويونيورسٽي ٽيسٽ وٺندي عدالت صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي . ايم ڊي ڪيٽ جي شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اسان محنت ڪري ٽيسٽ ڏني پيپر ليڪ ٿي ويو ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي .ٽيسٽ جي نتيجي جو اعلان ڪيو وڃي.