لاهور(م ڊ) لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ملڪ جي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت عبوري جمهوريت آهي، مستحڪم جمهوريت ناهي.يونيورسٽي جي شاگردن کي خطاب دوران هن چيو ته اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي نگران حڪومت جو نه، جنهن جو شڪار ٿي رهيا آهيون.نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 254 چوي ٿو ته ڪو ڪم دير سان غير آئيني نه ٿيندو.تقريب جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان کي تعصب کان مٿانهون ٿي قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.