ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي ضلعي ڊيرا بگٽي مان اغوا ٿيل ٻن مقامي فٽبالرز بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن. ليويز اختيارين موجب ڊيرا بگٽي جي علائقي پيرڪوا مان اغوا ڪيل 2 مقامي فٽبالر بازياب ٿي ويا آهن، فٽبالر بابر علي ۽ شيراز خان گهر پهچي ويا آهن. ٻنهي رانديگرن کي 4 ٻين مقامي فٽبالرز سان گڏ 9 سيپٽمبر تي ڊيرا بگٽي کان سبي ويندڙ ڪچي ڪينال واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو. ان کان اڳ 29 سيپٽمبر تي اغوا ٿيل 6 مان 4 فٽبالرز کي بازياب ڪرايو ويو هو. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪامران رئيساڻي موجب ٻنهي فٽبالرز جي بازيابي سڪيورٽي فورسز ۽ انٽيليجنس جي بهترين آپريشن جي نتيجي ۾ ٿي آهي جڏهن ته هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.