سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 19 نومبر تي ٿيندي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تاريخ سامهون اچي وئي. صوبائي  صحت کاتي موجب ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 19 نومبر تي ٿيندي.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي اهتمام هيٺ ٽيسٽ ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندي، جنهن جو دورانيو صبح ساڍي 10 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هوندو. صحت کاتي موجب امتحاني مرڪز ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اميدوارن جي تلاشي ورتي ويندي ۽ ان دوران موبائل فون، ڪلڪيوليٽر ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائسز آڻيندڙ اميدوار جو پرچو رد ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جي والدين ۽ مٽن مائٽن کي امتحاني مرڪز جي احاطي ۽ ڀرپاسي ۾ رهڻ جي اجازت نه هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.