نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي طرفان پوليس گردي خلاف اٺين ڏينهن به ڌرڻو

نوابشاھه (رپورٽ: ايم بي چانڊيو) ايس ٽي پي پاران پوليس گردي خلاف اڄ اٺين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پهتو جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 ڏينهن گذري ويا آهن پر اسان جي ڪارڪن سلمان ڪيريو کي بيگناهه گولي هڻي زخمي ڪندڙ پوليس عملدار ايس ايڇ او طفيل ڀٽو، ايس ايڇ او جمشيد ۽ بي سيڪشن ٿاڻو ۽ ايئرپورٽ ٿاڻو جي وڏي منشين کي فورن هٽائي انهن خلاف قانوني  ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جي احتجاجي ڪئمپ نوابشاهه ۾ ئي جاري رهندي، باقي اسان ڪجهه دير بعد پاڻ ميٽنگ ڪري جيڪڏهن ڪو ٻيو اعلان ڪرڻو هوندو ته ميڊيا کي ضرور آگاهه ڪنداسين، ڊاڪٽر قادر مگسي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن خادمينِ سنڌ جي اتحاد جي پليٽ فارم تان وڙهي سگهون ٿا، باقي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کان علاوه سڀني سياسي پارٽين سان سيٽ ايڊجيسمينٽ ڪري سگهون ٿا، مان لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي هئي جتي اسان جي پاڪستان جي سياسي صورتحال تي ڪافي ڪچهري ٿي، نواز شريف سان منهنجو تعلق 2006 کان وٺي آهي، نگران حڪومت ۾ ڪافي کاتن جا وزير وڏي رقم ڏئي وزيرن جون سيٽون ورتيون آهن جن مان چڱائي جي اميد نٿي رکي سگهجي ڇو ته جيڪي وزير پئيسا ڏئي وزير ٿيا آهن اهي ڇهن مهينن ۾ پنهنجي ڏنل رقم ڪڍندا، نگران حڪومت بلڪل فيل نظر اچي رهي آهي ڇو ته سنڌ بد امني جي ور چڙهيل آهي، ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن سلمان ڪيريو کي زخمي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي جيل ڀيڙو ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايندڙ اڱارو 31 آڪٽوبر تي نوابشاهه ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي ۽ پوءِ به انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ هر اڱاري تي نوابشاهه ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.