فلسطينين تي ٿيندڙ لڳاتار ظلم

تحرير: خدا بخش بروھي

گذريل  رات جي اونداھي ۾  اسرائيلي فوج جو جنگي جھازن ٽيڪن سان  غزا تي ٽن طرفن کان گولا بم اڇلي  وڏي ۾ وڏو حملو ڪيو جنھن ۾ سوين معصوم فلسطينين کي شھيد ڪيو ويو ڪيتريون جايون مٽيء جو ڍير بڻجي ويو.  ھڪ اندازي مطابق 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيل  مسلسل اسرائيلي بمباري ۾ شھيدن جو انگ 8 ھزارن کان مٿي پھچي ويو آھي  ان سواءِ  20 هزار کان مٿي زخمي  ۽ 825 فلسطيني خاندان بي گھر ٿيا آھن،

رڳو ھڪ ئي رات ۾ 53 خاندان شھيد ٿي ويا آھن  ايڏي دھشت ۽ وحشيت تي ڪيترائي ملڪ  فلسطينين جي قتل عام تي آواز اٿاري رھيا آھن اتي احتجاج به ٿي رھياآھن  پر اسرائيل جي ڪن تي ڪا جوءَ ڪانه ٿي چري ساڳي وقت گڏيل قومن جي اجلاس ۾ جنگ بند ڪرائڻ لاءِ  گڏيل ٺھراءُ منظور ڪندي اسرائيل کي جنگ بند ڪرڻ جو چيو ويو آھي  پر اسرائيل ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي طرف مسلسل بمباري ۾ فلسطينين لاءِ  قيامت جو منظر پيش ڪندي ڪيترائي  معصوم ٻار، عورتن سميت مرد ماڻھو اجل جو شڪار ٿي رھيا آھن اتي لاشن کي ملبن مان ڪڍڻ انھن جي تعداد جو اندازو لڳائڻ ھڪ وڏو مسئلو آھي معصوم ٻارن جا لاش ۽ زخمين جا ڪيھاٽ اڀ ڏاري رھيا آھن    ان ظلم ۽ معصوميت وارن رڙين ڪيھاٽن تي پاڪستان، برطانيا، فرانس، ترڪيا، نيوزيلينڊ سميت مختلف ملڪن ۾ اسرائيل خلاف ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا آھن ۽ جنگ بندي جي گھر ڪئي وئي آھي  مڃون ٿا ايران جي اشاري تي حماس اھا جنگ تڪڙ ۾ شروع ڪئي ان کان اڳ عرب ليگ اسرائيل سان تعلقات بھتر ڪرڻ تي آماده ھئي اتي سعودي عرب ۽ سندس بلاڪ جو مطالبو ھو ته اسرائيل پنھنجي 1956 واري پوزيشن تي وڃي فلسطينين کي آزاد ملڪ طور ڪم ڪرڻ ڏي ساڻس واپار جا رستا کلي سگھن ٿا پر  حماس پاران ٿيندڙ حملي نه رڳو عرب ملڪن کي وڏي امتحان ۾  وجھي ڇڏيو آھي ساڳي وقت ٻين اسلامي ۽ اسرائيل مخالف ملڪن عام ماڻھن کي ڪاوڙ ڏياري ڇڏي آھي جتي ايران جي بڀڪي به ڏسڻ وٽان آھي ايستائين جنھن ڪجهھ ناھي ڪيو سوائي سکڻن بيانن جي ان مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي ته ھن کي سعوديه کان پلاند چڪتو ڪرڻو  ھيو جيڪو ھن ڪيو آھي،

ڏٺو وڃي  ھن ڀيري  اسرائيلي بمباري غزه جي ڪافي گھرن،  جاين، بلڊنگن، اسڪولن، اسپتالن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي اتي ھر طرف رت ۽ انساني سڙندڙ ماس جي ڌپ اچي رھي آھي  فلسطيني پھنجن پيارن جي شھادت تي ماتم زده احتجاج ڪري رھيا آھن اتي حماس پنھنجيون ڪاروايون به ڪري پئي  ٻئي  طرف بجلي پاڻي ، ٽيلي فون، موبائيل سروس نظام معطل ٿي ويو آھي جنھنڪري امدادي ڪمن ۾ ريڊ ڪراسينٽ سميت ٻين ادارن کي شھيد شھرين جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتالن م پھچائڻ ۾ وڏي پريشاني ٿي رھي آھي ساڳي وقت   اسپتالن،   جي تباھ ٿيڻ ڪري ويچارا فلسطيني ٻٽي عذاب مان گذري رھيا آھن، ان ڪري سندن زخمي تڙپي تڙتي شھيد ٿي رھيا آھن، ڪافي فلسطيني گھر ڇڏي ميدانن جو رخ ڪري ويا آھن،

فلسطينين جون اکيون اڄ به ھميشه وا نگر اقوام متحده،  مسلمان ملڪن ڏا نھن نھاري رھيون آھن، ھو ھڪ طرف پنھنجي عورتن ٻارن، جوانن جي لاشن کي کڻي رھيا آھن ٻئي طرف  مٿان اسرائيلي جھاز کين بمن، گولين جو نشانو بنائي  رھيا آھن, اسرائيل ھن وقت وچ اوڀر جو اھو ننڍڙو پر ھٿيارن کان ليس اھو  يھودي ملڪ آھي جنھن پوري وچ اوڀر کي ايران سميت پنھنجي دفاعي طاقت سبب اک ڏيکاري ڇڏي آھي وچ اوڀر جو ھر اسرائيل جو  آئرن ڊوم سسٽم ايڏو ته فعال آھي جو گذريل  جنگ ۾  حماس پاران سون جي تعداد فائر ڪيل ميزائيلن جي ھڪ اڌ ميزائيل کي ڇڏي   باقي سڀني کي فضا ۾ ناڪاره ڪيو ويو ھو ، اسرائيل مان رڳو امريڪا ھٿ ڪڍي ته اسرائيل سڌري ويندو پر ھو نه ڇڏيندو اڳوڻي.  امريڪي  صدر ٽرمپ  اسرائيلين کي  بيت مقدس کي   دارالخلافه بنائڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ھئي جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي جيڪا دنيا ڏسي پئي ، ٻئي پاسي فلسطين  واري مسئلي تي  اقوام متحده  جو ماضي رڳو  تماشائي رھيو آھي اسرائيل سندس  قراداد کي ٺڪرائي تل ابيب بدران بيت مقدس کي گادي جو ھنڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو  جيڪو جھيڙي جو اصل ڪارڻ آھي ،ماضي ۾ ٽرمپ جي پريشر ۾  اچي ابوظهبي، بحرين   اسرائيل کي تسليم ڪندي واپاري ناتا شروع ڪيا،  اڄ ٽرمپ ناھي پر فلسطينين مٿان ٿيندڙ بربريت کي ڏسي انھن ملڪن جا  بادشاھ ۽ اتان جوعوام شرم کان ڪنڌ ھيٺ ڪري ويٺا آھن انھن جو ضمير انھن کي جنجھوڙي رھيو آھي ۽ انھن کي احساس ٿيو آھي ته ھنن جو اسرائيل متعلق ڪيل فيصلو غلط ھو، ٻئي پاسي سعودي عرب جيڪو مقدس جاين جي ڪري ھڪ وڏي اھميت جو حامل آھي ان جي حڪمرانن به اڄوڪو اسرائيلي  ظلم کي ڏسي ان ڳالھه تي شڪراني جو اظھار ڪري رھيا آھن جو چڱو ٿيو  ٽرمپ جي دٻاءُ ۾ اچي اسرا ئيل کي تسليم نه ڪيوسين جي نه ته اڄ ڏاڍا بدنام ٿيون ھا،ساڳي وقت اڄ ايران جي بد  نيڪي ٿي رھي آھي جنھن موجود جنگ ۾ حماس کي اڳيان ڪري رڳو بيانن تائين محدود آھي،

اسرائيل جو وڏو سپورٽر  امريڪا آھي ان ۾  اڳوڻي امريڪي صدر ٽرمپ  ليڪا لتاڙي ڇڏيا ھن  اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ  ايستائين ڪوششيون ڪيون ته اھي سمورا ملڪ جيڪي اسرائيل کان ڪٽيل آھن اھي اسرائيل سان  رابطا قائم ڪن حد ته اھا ٿي جو سوڊان مٿان القائده جي سربراه  اوساما بن لادن کي رھائڻ ۽ 1989 ۾ ڪينيا ۽ تنزانيا ۾ امريڪي سفارتخانن جي 220 ماڻھن جي مارجڻ ۾  القائدا کي سپورٽ ڪرڻ جي ڪري جيڪا امريڪي  پابندي لڳي ھئي اھا اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي موٽ ۾ ٽرمپ ڪانگريس کان ان شرط تي ختم ڪرائڻ لاءِ   ايئن چيو ته ھو  مئلن جي مائٽن کي 35 ملين ڊالر معاوضو ڏيئي ماٺ ڪرائيندو  انڪري ڪانگريس سوڊان تان امريڪي پابندي  ختم ڪئي    پر دنيا اڄ فلسطينين  جي درد تي سراپا احتجاج آھي اھي اڄ ھٽلر کي صحيح سمجھڻ لڳا آھن جنھن اھو چيو ھو ته ڪجھه يھودين کي ان ڪري ڇڏي ڏنو اٿم  ته انھن جي ڪردار کي ڏسي ماڻھو ھڪ ڏينھن ضرور اھو چوڻ تي مجبور ٿيندا ته منھنجو يھودين جي خلاف ڪيل فيصلو صحيح ھو، پر تاريخي حوالن کي ڏسجي ته يھودين مٿان رڳو ھٽلر وارو ھولوڪاسٽ وارو ظلم نه ٿيو آھي ھنن مٿان ھنن عملن سبب حضرت يوسف عليه سلام جي وفات کان پوءِ  ظلم ٿيا آھن،

ھي دنيا جو قديم ترين شھر ھڪ وڏي اھميت جو حامل ان ڪري آھي جو  تقريبن پيغمبر ان جي ارد گرد رھيا آھن ۽ پيدا ٿيا آھن حضرت عيسيٰٰ ع جي ڄمڻ کان ھڪ ھزار سال اڳ طالوت بادشاه  جي مدد ڪندي  حضرت داؤد ع ھن شھر کي جالوت کان فتح ڪري بني اسرائيلين جو بادشاھ ٿيو،مختصر حملن، قبضن ۽ ڪاھن تي نظر وجھنداسين ته خبر پوندي ته يروشلم تي  52 ڪاھون ٿيون آھن ٻه دفعا ان کي ڊاھي برباد ڪيو ويو هو 23 دفعا ھن جو گھيراءُ ڪيو ويو آھي 44 دفعا مختلف ڪاھيندڙن جي ھٿان قبضو ٿيو آھي، ابراني ۾ يروشلم عربي ۾ بيت المقدس ھي دنيا جي اھا واحد عبادت جي جاءِ آھي جنھن تي ھڪ ئي  وقت  يھودين، مسلمانن ۽ عيساين جي حقداري جي دعویٰ آھي  ھن شھر کي سڀ کان  پھرين فرعون حملو ڪري لٽي ڀڙڀانگ  ڪري ڇڏيو ان کان بعد  722 قبل از مسيح ۾  اشوري بادشاھ  قبضو ڪري لٽيو پوءِ  رائمسيس فرعون سميت ٻين  فرعونن لٽيو ۽ اسرائيلين کي غلام بنايو، بابلي بادشاھ بخت نصر شھر کي لٽي ھتي جي رھاڪن کي بابل وٺي ويو،   ايراني بادشاھ  سائرس 538ق م ۾ بابل ۽ يروشلم تي ڪاھ  ڪري  بخت نصر کي شڪت ڏني ھن انھن سڀني اسرا ئيلن کي بابل کان  واپس گھرائي سندن عبادت گاھون ٺاھڻ جي اجازت ڏني وري دارا   485 ۾ يروشلم کي  فتح ڪيو،پوءِ   سڪندر اعظم پوءِ   بازنتيني رومين جي بادشاھ ٽائٽس حملو ڪري يروشلم کي فتح ڪيو ھن يھودين کي جلا وطن ڪري ڇڏيو ان کان پوءِ  638 عيسوي ۾ حضرت عمر يروشلم کي بازنتيني رومين کان فتح ڪري رياست مدينه ۾ شامل ڪيو ھو جڏھن ته 691 ع ۾ عموي خليفي عبدلملڪ ھن کي فتح ڪيو ھن شھر تي 1099ع  ۾ يورپ جي مسيحي صليبين جو قبضو ٿي ويو ان کي سلطان صلاح الدين ايوبي ختم ڪيو پر ان جي وڃڻ کان پوءِ  برطانوي بادشاه  فيڊرڪ دوم مملوڪن کان ڦري ورتو پر 1244 ۾ ترڪ مسلمانن ھن علاقي کي قبضو ڪيو جنھن کي 1517 ۾ سليم اول   سلطنت عثمان ۾ شامل ڪيو جيڪو اڳتي ھلي برطانيه، جي جرنل ايلن فتح ڪيو  اھو وقت پھرين عالمي جنگ اول جو ھو جنھن سلطنت عثمانيه کي لوڏي ڇڏيو،  ترڪن کي   عرب بغاوتن برطانيه  جي مدد سان ڪڍيو ويو  ان کان پوءِ  تقريبن ڍائي ھزار سالن کان پوءِ  يروشلم امريڪا ۽  برطانيا جي جي مدد سان اسرائيلين جي حوالي ٿيو، 1947 ۾ اقوام متحده ھن علاقي کي ٻن حصن عرب ۽ يھودي علاقي ۾ تقسيم ڪيو پر اسرائيل 1948 آزاد رياست  اسرائيل جو اعلان ڪري ڇڏيو  جيڪو اردن ۽ اسرائيل جي تقسيم جو سبب ٿيو جنھن تي  عربن ۽  اسرائيلين وچ ۾ 1948۾  پھرين جنگ لڳي 1956ٻي 1967۾  ٽيئن جنگ لڳي جنھن  جنگ  ۾  اسرائيل اردن کان اوڀر يروشلم ۽ غزا،  شام کان گولان جون  پھاڙيون ۽ مصر کان  سينائي پينسولا کسي ويو  پر ان کان پوءِ   اسرائيل نه فقط موجوده فلسطيني مسلم ميجارٽي کي پنھنجي ڳوٺن کان مسلسل بيدخل ڪري ،گريٽر اسرائيل ٺاھڻ تي عمل پيرا آھي  ھاڻي ان ڪوشش ۾ رڌل آھي اھو اسرائيلي عمل   ٽيئن عالمي جنگ جي راھ ھموار ڪري سگھي ٿو ان ڪري اقوامتحده عالمي طاقتون، اسلامي سربراھي ڪاؤنسل ۾ شامل ملڪ ان تي غور ڪن، خاص ڪري اقوم متحده امريڪا کي گھرجي موجوده جنگ کي بند ڪرائي   فلسطين جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي مسئلي جو مستقل حل ڪرڻ گھرجي.

 

 

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.