ديبل بندرگاهه جهڙا آثار ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف

تحرير: غلام حسين جوڻو

سنڌ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن سان ڀري پئي آهي. انهن قديمي آثارن مان ڪي زمين جي دز ۽ مٽي پوڻ ڪري لٽجي ويا آهن ته ڪن جا وري آثار ۽ نشان اڃا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي اسان جو تاريخي ورثو آهن. پر کوڙ اهڙا آثار به آهن. جيڪي زمين ۾ دٻجي وڃڻ کان پوءِ به ياد ڪيا وڃن ٿا ۽ سندن نالا ورتا وڃن ٿا. اهڙن آثارن مان ديبل بندرگاهه به هڪ آهي. جنهن جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ موجود آهي. تازو اخبارن ۾ هڪ رپورٽ شايع ٿي آهي ته ، هاليجي ڍنڍ ڀرسان ديبل بندرگاهه جهڙا آثار ظاهر ٿيا آهن. هاڻ تاريخدان ۽ محقق انهن قديمي آثارن متعلق ٻڌائي سگهن ٿا. باقي جيڪا رپورٽ ظاهر ڪئي ويئي آهي. ان جو تفصيل هيٺ پيش ڪجي ٿو ته جيئن ڪو مغالطو پيدا نه ٿي سگهي ۽ تاريخ جا ڄاڻو ان تي غور ويچار ڪري سگهن.

رپورٽ موجب “هاليجي ڍنڍ” ڀرسان ، “ديبل بندرگاهه” جهڙا آثار نظر اچڻ لڳا آهن. ديبل اسلامي دور کان اڳ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ حڪومتي دور ۾ سنڌ جو قديم مشهور بندرگاهه رهي چڪو آهي. ان وقت ديبل کي چئو طرف وڏو قلعو هو. تاريخ جي ڪتاب فتح نامي مان هن شهر جي قدامت جو ڪافي احوال ملي ٿو. ڇهين صدي عيسوي کان وٺي تقريبن تيرهن عيسوي جي اڌ تائين ديبل بندر بهتر يا زبون حالت ۾ ، سنڌ جي نقشي تي قائم هو. ڏهين صدي ۾ ، جڏهن سنڌ تي عربن جو قبضو ٿيو ته ان وقت هيءَ بندر اوج تي هو. عربن جي دور ۾ هن جو اوج برقرار رهيو. پر جيئن ، جيئن عربن جي اقتدار جو سج لهندو ويو. تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت پڻ گهٽجي ويئي. سنڌو درياءَ جي موج ۽ مستين جي ڪري هڪ ٻئي نئين بندرگاهه جنم ورتو. جيڪو “لوهاراني” “لاهري” يا “لاهوري” جي نالي سان مشهور ٿيو. هن نئين بندرگاهه جي اسرڻ ڪري پڻ قديم بندر ديبل جو اوج گهٽ ٿي ويو. 1334 ع ۾ ، جڏهن ابن بطوطه ، سنڌ ۾ آيو ته ، هن “لاهري” بندر کي وڏي اوج تي ڏٺو. مقامي رهواسين موجب جڏهن سانوڻي جون برساتون پونديون هيون ته مقامي ماڻهون هن دڙي جو رخ ڪندا هئا. ٿوري کوٽائي دوران ، هن دڙي مان سون ۽ چاندي جا سڪا ۽ ٻيو سامان کين ملي ويندو هو. ان سلسلي ۾ ، آرڪيالاجي کاتي ضلعي ٺٽي جي آفيسر مسٽر ظهير احمد جوکيو جو چوڻ هو ته هن ديبل بندر جي دڙي جو وزٽ ڪيو آهي. جيڪي حقيقتون آهن. سي ، اعليٰ اختيارين کي موڪليون وينديون. جيئن بهتر نموني ان جي مڪمل تحقيقات ٿي سگهي. هڪ طرف اهي حقيقون آهن ته ٻئي طرف مقامي رهواسين پڻ هن تاريخي ماڳن ۾ مڪانن کي بچائي ، انهن جي کوٽائي ڪرائي ، اصل حقيقت کي ظاهر ڪري قومي ورثن کي بچائڻ جي گهر ڪئي آهي. ياد رهي ته هي ورثو ، هاليجي ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ گجو شهر جي اتر اوڀر ۾ “هاليجي دڙي” سان مشهور آهي. جنهن تي عوام جي آمد جو سلسلو به جاري ٿي ويو آهي. دنيا جون ترقي پذير ۽ سڌريل قومون پنهنجن تاريخي ۽ قديمي ورثن جي حفاظت ڪنديون آهن. تاريخي آثارن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪنديون رهنديون آهن. اهي آثار  سندن سڃاڻپ ڪرائن ٿا. اتان جون حڪومتون به پنهنجا مالي وسيلا استعمال ڪري انهن ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪنديون رهن ٿيون. مالي بجيٽ مان ڪجهه رقم رکي. انهن جي سار سنڀال تي خرچ ڪنديون آهن. جنهن ڪري اهي ورثا هميشه محفوظ آهن پر اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ تاريخي ماڳ ۽ مڪان تباهي جي طرف وڃي رهيا آهن. اهي آهستي  آهستي ميسارجي رهيا آهن. ڪي ته اڳ ۾ ئي زمين دوز ٿي چڪا آهن. هاڻ صرف انهن جا نالا ٻڌندا رهون ٿا. جيڪي شايد اڳتي هلي نالا به وسري وڃن. انهن تاريخي آثارن جي تباهي هڪ وڏو قومي نقصان آهي. اسان وٽ تحقيق ڪندڙن جي به کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جيڪڏهن ڪي شخصيتون تحقيق جو ڪم ڪري رهيون آهن ته انهن کي سهولتون ڪونه ٿيون ملن. جنهن ڪري هو ، نااميد ٿيو وڃن. اهو ئي سبب آهي جو ، سنڌ ۾ تاريخي هنڌن جهڙوڪ دليل ڪوٽ ، ڪوٽڏيجي وارو قلعو، رني ڪوٽ ، حيدرآباد جو ڪچو ۽ پڪو قلعو ، ميرن جا قبا ۽ هاليجي ڍنڍ ۽ ڀنڀور وغيره تي ڪا خاص تحقيق ڪونه ٿي سگهي آهي. بلڪل اهڙي طرح ديبل بندرگاهه تي به اڃا تائين ڪو خاطر خواه تحقيقي ڪم ڪونه ڪيو ويو آهي. اهو بندرگاهه به زمين جي مٽي ۽ دز ۽ موسمي جي ڪري لٽجي چڪو آهي. جنهن ڪري ان جو صرف نالو ٻڌندا پيا اچون. باقي وڌيڪ ڄاڻ ۽ معلومات ڪونه اٿئون.

هاڻ جڏهن هاليجي ڍنڍ جي ڀرسان ، ديبل بندرگاهه جهڙا آثار ظاهر ٿيا آهن. اهڙيون رپورٽون اخبارن ۾ به شايع ٿي چڪيون آهن. جن جو ذڪر مٿي ڪيو اٿم. هاليجي ڍنڍ به هڪ تاريخي ۽ قديمي ڍنڍ آهي. جنهن جي باري ۾ اڳ ۾ ڪافي لکجي چڪو آهي. ان تاريخي ۽ قديمي ڍنڍ جي ڀرسان ديبل بندر جهڙن آثارن ملڻ سان ، ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا. اهي ڳالهيون يا قياس آرائيون پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن يا غلط؟ انهن متعلق ڪجهه لکي ۽ چئي نه ٿو سگهجي. پر، هاڻ تاريخدانن ۽ آرڪيالوجي کاتي وارن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته مذڪوره آثار سنڌ جو قومي ورثو ، سرمايو ۽ ملڪيت آهن. جيڪي هاڻ ظاهر  ٿيا آهن ته انهن جي حفاظت ڪرڻ به واسطيدار ۽ لاڳاپيل کاتي جي ذميواري آهي. ان ڪم ۾ سستي ڪرڻ سان اهي آثار ٻيهر لٽجي سگهن ٿا.

وس وارين اختيارين کي ان انديشي ، امڪان ۽ خطري کي ذهڻ ۾ رکڻ گهرجي. اسان وٽ ته اهڙا ڪيترائي ماڳ ، مڪان ، دڙا ڪوٽ ۽ڳوٺ ٿي گذريا آهن. جيڪي هن وقت ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿا اچن. ڪن جا نالا ٻڌا اٿئون ته ڪن جا مورڳو نالا به ڪونه ٿا ٻڌجن. اهڙي طرح اسان جي تاريخي ۽ قومي ورثي جو ڳچ حصو ضايع ٿي ويو آهي. اهو، ورثو ڪيترن ئي صدين جو پراڻو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ ڪي شيون ٻيهر ظاهر ٿي پون جيئن ديبل بندرگاهه جهڙا آثار ظاهر ٿيا آهن. هاڻ هنن آثارن ڏانهن حڪومت کي پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ماهرن جي ٽيم موڪلي تحقيق ڪرائي وڃي ته جيئن هن وڃايل ورثي جي اهميت ۽ حقيقت جي خبر پئجي سگهي.

ان سان گڏ اها به گذارش ڪجي ٿي ته هن وقت جيڪي تاريخي ماڳ ٻڌجن ۽ ڏسجن ٿا تن جي حالت خراب آهي. اهي تباهي جي طرف وڃي رهيا آهن. انهن جي حفاظت لاءِ به ضروري قدم کنيا وڃن. تاريخي ورثي کي تباهي کان بچايو وڃي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڪيترن ئي ماڳن جي ايراضين تي بااثرن قبضو ڪري ورتو آهي قبضي ڪيل ايراضي کي انهن کان ڇڏائي تاريخي ماڳن جي ايراضي سان ملائڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ وڌيڪ قبضا ڪرڻ واري عمل کان کين روڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.