اڳوڻي ايم پي اي چوڌري ساجد محمود پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

راولپنڊي  ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳوڻو  ايم پي اي چوڌري ساجد محمود پارٽي کان ڌار ٿي ويو. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي چوڌري ساجد محمود چيو ته اڄ کان پوءِ منهنجو پي ٽي آءِ سان ڪو به تعلق ناهي،  پي ٽي آءِ ڪارڪنن کان معافي گهران ٿو ۽ پارٽي ڇڏي رهيو آهيان. چوڌري ساجد محمود چيو ته هو 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪن ٿا، 9 مئي جو واقعو دل ڏاريندڙ هو ۽ ملڪ کي ڌوڏي ڇڏيو.هن چيو ته مان عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، سياست ڪرڻ گهرجي يا نه، پنهنجي برادري سان مشاورت ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.