نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزا ۾ بنا دير جنگبندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ اردن طرفان 22 عرب ملڪن جي نمائندگي ڪندي غزا جي صورتحال بابت پيش ڪيل ٺهراءَ جي 120 ميمبر ملڪن حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا، اسرائيل، آسٽريليا، ڪروشيا، جمهوريه چيڪ ۽ هنگري سميت 14 ميمبرن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.
عرب ميڊيا موجب، ڪينيڊا، جرمني، برطانيا سميت 45 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڏوهه ڪري رهيو آهي جنهن ڪري بنا دير جنگبندي ڪئي وڃي.