اسرائيل جي غزا تي شديد بمباري، انٽرنيٽ، فون سروس بند، دنيا سان رابطو ڪٽجي ويو

غزا ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل غزا جو وجود ختم ڪرڻ جي هوڏ تي قائم، زميني فوج غزا ۾ داخل، سامونڊي فوج جون ٻيڙيون ۽ جهاز ذريعي هن وقت تائين جي سڀ کان تباهه ڪندڙ بمباري جي آهي، جمعي جي رات اسرائيلي فوج جي شديد بمباري جي نتيجي ۾ غزا جي پٽي ۾ انٽرنيٽ ۽ فون سروسز بند ٿي وئي آهي جڏهن ته ٽيهه لک ماڻهن جي آبادي واري علائقي جو ٻاهرين دنيا سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ مجموعي طور 7 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي.
7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ مجموعي طور 7 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي.

اسرائيلي فوج جي غزا تي شديد بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 326 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، گڏيل قومن جي رليف ايجنسي جي 53 اهلڪارن سميت شهيدن جو مجموعي انگ 7 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي.

اسرائيلي فوجي غزا جي پٽي ويجهو ڏکڻ اسرائيل واري علاقئي سدروت سان لڳندڙ سرحد موجود آهن
اسرائيلي فوجي غزا جي پٽي ويجهو ڏکڻ اسرائيل واري علائقي سدروت سان لڳندڙ سرحد وٽ موجود آهن

پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ ڏينهن دوران گڏيل قومن جي رليف ايجنسي جا پندرنهن اهلڪار ماريا ويا آهن، جڏهن ته هنيئر تائين مجموعي طور 21 هزار کان وڌيڪ فلسطيني اسرائيلي حملن ۾ زخمي ٿي چڪا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب، صيهوني فوج جي بمباري مواصلاتي نظام تباهه ٿي ويو، فلسطيني علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل سگنل نيٽ ورڪ به بند ٿيويو آهي.

غزا جي صحت واري وزارت موجب شهيد فلسطينين ۾ 3 هزار 30 ٻار ۽ 1726 عورتون ۽ بمباري سبب 18 هزار 967 شهري زخمي ٿي پيا آهن.

صحت واري وزارت زخمين ۾ 2 هزار ٻار ۽ 1400 عورتون شامل آهن، 940 ٻارن سميت 1650 فلسطيني اڃان تائين گم آهن، جڏهن ته غزه مان گرفتار 4000 فلسطيني اسرائيل جي جيلن ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.