ايلون مسڪ پاران ڍڪيل انداز ۾ ايران جي حمايت

اڳوڻي ٽويٽر ۽ هاڻوڪي ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ ڍڪيل انداز ۾ ايران جي حمايت ڪئي آهي.

ايلون مسڪ ٽيسلا ڪمپني جو مالڪ آهي ۽ خلائي شيون ٺاهڻ لاءِ سندس اسپيس ايڪس ڪمپني به سندس هڪ سڄاڻ آهي.

ايلون مسڪ ٽويٽر خريد ڪئي آهي ۽ ان جو نالو ايڪس رکيو اٿائين، هو ٽويٽر تي دلچسپ ۽ ٻٽي معنيٰ واريون پوسٽون ڪندو آهي.

ڪجهه وقت اڳ ڪيل ايلون مسڪ جي پوسٽ ۾ ڍڪيل انداز ۾ ايران جي حمايت نظر اچي ٿي.

هن پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ تصوير ڏيکاري آهي جنهن ۾ ايران کي آمريڪي آرمي جا بيسز گهيريندي نظر اچن ٿا.

ان بابت هن لکيو آهي ته ڏسو ايران جنگ چاهي ٿو ۽ ايران ملڪ آمريڪي فوجي اڏن جي ويجهو سري رهيو آهي.

ان جي ابتڙ حقيق اها آهي ته ايران ملڪ ناهي سري رهيو پر آمريڪا ايران کي گهيريندي نظر اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.