اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف عدليا مخالف تقريرن تي پنج سال پراڻي توهينِ عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
هڪ شهري شهري طرفان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ن ليگ قائد خلاف 2018ع وارن بيانن تي توهينِ عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي هئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف جي توهينِ عدالت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي جنهن تي 15 نومبر تي ٻڌڻي ٿيندي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 2018 کان ٻڌڻي هيٺ توهينِ عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.