تل ابيب( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته صيهوني رياست فلسطين مزاحتمي تنظيم حماس کي ائين ختم ڪرڻ جو ارادو رکي جيئن دنيا نازين ۽ داعش کي ختم ڪيو.
گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزا ۾ بنا دير جنگبندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عرب گروپ طرفان گڏيل قومن جي هنگامي اجلاس ۾ اردن ٺهراءُ پيش ڪيو.
ٺهراءَ جي 120 ميمبر ملڪن حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا، اسرائيل، آسٽريليا، ڪروشيا، جمهوريه چيڪ ۽ هنگري سميت 14 ميمبرن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.
عالمي ميڊيا موجب، ڪئناڊا، جرمني، برطانيا سميت 45 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڏوهه ڪري رهيو آهي جنهن ڪري بنا دير جنگبندي ڪئي وڃي.
گڏيل قومن ۾ اسرائيلي نمائندي گيلاد ايردن ٺهراءُ رد ڪندي چيو ته شرم اچڻ گهرجي، اڄوڪو ڏينهن گڏيل قومن لاءِ چٽو آهي، اڄ اسان ڏٺو ته گڏيل قومن جي اداري جي ڪا به قانوني حيثيت باقي ناهي رهي.
هاڻ اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن به گڏيل قومن طرفان غزا ۾ جنگبندي وارو مطالبو رد ڪندي چيو ته اسرائيل حماس کي ائين ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو جيئن دنيا نازين ۽ داعش سان ڪيو هو.
ٻئي پاسي فلسطيني وزيراعظم محمد اشتيي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل سمجهي ٿو ته هو مزاحتمي تحريڪ حماس کي ختم ڪري ڇڏيندو ته ائين نه ٿيندو.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي فلسطين جي وزيراعظم محمد اشتيي چيو ته حماس فلسطيني سياست جو اهم حصو آهي، سندس حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن.
هواڏنهن گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني نمائندي منير اڪرم خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، هو فلسطين ۾ اسرائيلي حارحيت جي مذمت ڪن ٿا.
منير اڪرم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل فلسطينين جا حق لتاڙي رهيو آهي، حملا فوري طور تي بند ڪيا وڃن، ميمبر ملڪن کي فلسطيني شهرين جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو.