ڪي پي ۾ پاڪ فوج جو آپريشن، ٻه جوان شهيد، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا ۾ ٻن مخلتف هنڌن تي پاڪ فوج جي جي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي گرفتار ڪيو ويو .

آءِ ايس پي آر موجب، خيبر جي علائقي تيراهه ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن دوران فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سڪيورٽي فورسز گرفتار ڪري ورتو.

آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن وٽان ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار مليا آهن، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين ۾ ملوث ۽ شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سرگرم هئا.

ٻئي پاسي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سروڪئي ۾ باردوي سرنگهه جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سرنگهه جي ڌماڪي ۾ سپاهي بنارس خان ۽ سپاهي عبدالڪريم شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب، واقعا 27 آڪٽوبر جي رات خيبرپختونخوا ۾ پيش آيا، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.