اينٽي ڪرپشن چيئرمين جي بدلي جو اختيار آهي: سنڌ سرڪار جو جواب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ چيئرمين  اينٽي ڪرپشن جي بدلي  خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي سنڌ حڪومت لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جواب ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي اختيار آهي ته هو بدلي ڪري سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن جي حڪم موجب بدلي ڪئي وئي آهي، عدالت درخواست گذار کي جواب پڙهي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ست نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته مان چارج نه ڇڏي آهي پر ذوالفقار شاهه زبردستي چارج ورتي آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ 16آڪٽوبر جو اليڪشن ڪميشن جو جواز ٺاهي بدلي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.