اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ ۾ عام چونڊون 28 جنوري 2024 آچر جي ڏينهن تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي ٻن ڏينهن کانپوءِ لکت ۾ آگاهه ڪندو .حڪومتي ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن طرفان ڄاڻايل تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.ياد رهي ته صدر عارف علوي هڪ انٽرويوءَ دوران خدشو ظاهر ڪيو هوته کيس جنوري 2024ع ۾ چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن صدر جو بيان رد ڪندي چيو هوته اسان چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيون ۽ تڪ بندين جو عمل مڪمل ٿيندي سان ئي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تڪ بندين تي اعتراضن لاءِ بينچ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب پهرين نومبر کان تڪ بندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.جاري ڪيل پڌرائي موجب پهرين بينچ پهرين نومبر تي اسلام آباد، شڪارپور، خضدار، سيالڪوٽ ۽ راجن پور جي تڪبندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندي.جاري ڪيل پڌرائي موجب ساڳئي ڏينهن ٻي بئنچ ڪرم، اٽڪ، جهلم، ننڪانه صاحب، ڪوهاٽ ۽ ڪورنگي جي تڪبندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندي.اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب ملير، سانگهڙ، سوات، هري پور، چکوال ۽ پشين جي تڪن تي اعتراضن جي ٻڌڻي 2 نومبر تي ٿيندي. پڌرائي موجب مردان، ڪراچي اوڀر، موسيٰ خيل ۽ لوڌران جي تڪبندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي 2 نومبر تي ٿيندي.اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب نوشهروفيروز ۽ حب جي تڪبندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي 2 نومبر تي ٿيندي.