اسلام آباد ( م ڊ ) نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي واضح لفظن ۾ چيو آهي عير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي نيڪالي جي مدي ۾ واڌ جو ڪو به امڪان نه آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته حڪومت طرفان پرڏيهين کي ڏنل الٽيميٽم ۾ رڳو ٻه ڏينهن باقي آهن، جيو ميپنگ ڪري ورتي آهي ۽ اسان جو پلان تيار آهي. هن چيو ته قلعا عبدالله ۾ به پاسپورٽ آفيس قائم ڪئي پئي وڃي، بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ ڪاروبار تي ڪا به پابندي ناهي، رڳو اسمگلنگ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران گهرو وزير چيو ته چونڊن ۾ سيڪيورٽي جو چئلينج تمام وڏو آهي پر ان چئلينج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.