ڪراچي (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو ضلعي ڏکڻ جي علائقن ۾ رهندڙ سمورن غير قانوني پرڏيهين کي پهرين نومبر تائين پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي ڏکڻ ۾ واقع مختلف مسجدن ۾ اعلان ڪيا ويا. اعلانن ۾ علائقي ۾ رهندڙ سڀني غير قانوني ڌارين کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجي اصلي ملڪ ڏانهن واپس وڃن ۽ رضاڪارانه طور تي پنهنجا دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو.
ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ گهر مان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي ابراھيم حيدري ڪي ايريا جي علائقي چشما ڳوٺ سوتي محلي ۾ گھر مان ڦاهو کاڌل 30 سالن جي ماجد جو لاش مليو آهي اطلاع تي پوليس پھچي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري آهي: راجا اشرف
اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان سدائين علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري عوام جي سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي اڻٽر عزم کي ورجايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اڄڪو ڏينهن ان وحشياڻي واقعي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي انسانيت لڄائيندڙ ظلم ڪيا جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميري نوجوانن جون هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ قبرستان ٺاهي ڇڏيو آهي.
پاڪستان ۾ هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري چنڊ گرهڻ اڄ رات ٿيندو: موسميات کاتو
لاهور (م ڊ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري چنڊ گرهڻ 28 ۽ 29 آڪٽوبر جي وچ واري رات ٿيندو. موسميات کاتي موجب هلندڙ سال 2023 ۾ ٿيل ٻيو ۽ آخري چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. فلڪيات جي ماهرن موجب چنڊ گرهڻ 28 آڪٽوبر تي پاڪستان جي معياري وقت موجب رات 11 لڳي 2 منٽن تي شروع ٿيندو، 29 آڪٽوبر تي رات جو 12 لڳي 35 منٽن تي جزوي چنڊ گرهڻ هوندو ۽ رات هڪ لڳي 14 منٽن تي چنڊ گرهڻ پنهنجي عروج تي پهچندو. 29 آڪٽوبر تي ئي رات جو هڪ لڳي 53 منٽن تي چنڊ گرهڻ جزوي طور تي ختم ٿيندو، چنڊ گرهڻ جي مڪمل پڄاڻي پاڪستان جي معياري وقت موجب 29 آڪٽوبر تي رات جو 3 لڳي 26 منٽن تي ٿيندي، چنڊ گرهڻ ايشيا، يورپ، آمريڪا، آفريقا جي مختلف ملڪن ۾ ڏسي سگهبو.
لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان خاور مانيڪا جو ضمانت وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
لاهور (م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين تي قبضي جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار عمران خان جي گهرواريءَ بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جي ضمانت واري درخواست جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي گڏيل درخواست تي خاور مانيڪا جو ضمانت وارو ڪيس 8 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ هاءِ ڪورٽ داخل ضمانت جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 14 نومبر تي جواب طلب ڪيو هو، جسٽس علي باقر نجفي خاور مانيڪا جي گڏيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ضمانت جي درخواست تي جلد ٻڌڻي ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته خاور مانيڪا دل جي تڪليف ۾ ورتل آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽرن جي رپورٽ گڏ لڳائي وئي آهي جنهن ۾ کيس ڪارڊيولاجي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته عدالت سندس ضمانت جي درخواست جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏي. عدالت متفرق درخواست منظور ڪندي هدايت ڪئي ته هاءِ ڪورٽ آفيس 8 نومبر تي گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري.
پمز ۾ ايم آر آءِ مشين لڳائڻ اسلام آباد جي شهرين لاءِ تمام وڏي خوشخبري آهي: ڊاڪٽر نديم جان
اسلام آباد (م ڊ) صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته حڪومت عوام کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پمز ۾ ايم آر آئي مشين لڳائڻ اسلام آباد جي شهرين لاءِ تمام وڏي خوشخبري آهي. صحت واري وزارت مان جاري بيان موجب نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان اسلام آباد جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ ايم آر آئي جو افتتاح ڪيو. پمز ۾ پنج سالن کانپوءِ ايم آر آئي مشين لڳائي وئي آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نديم جان چيو ته اڄ هڪ اهم ڏينهن آهي، پمز ۾ ايم آر آئي مشين جو نه هجڻ هڪ اهم معاملو هو. پمز ۾ ڪيترائي معاملن آهن جن کي حل ڪيو ويندو. اسان عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ آهن، ايم آر آئي مڪمل طور تي فنڪشنل آهي، اسان جيڪا ڊيڊ لائين ڏني هئي ان تي ڪم نه ٿي سگهيو، اسان بهترين ڪم ڪندڙن کي سپورٽ ڪنداسين. هن چيو ته پمز اسلام آباد جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي، روزاني 10 کان 12 هزار ماڻهو علاج لاءِ پمز ايندا آهن. اسان جو رويو پمز ۾ آيل مريضن سان بهترين هجڻ گهرجي.
رانا مقبول احمد ۽ ايس ايم ظفر جون پارلياماني ۽ سياسي ڏاهپ سياست ۾ هميشه لاءِ ياد رکي ويندي: سينيٽر اسحاق ڊار
اسلام آباد (م ڊ)سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته مرحوم سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ اڳوڻي سينيٽر ايس ايم ظفر جون ملڪ لاءِ خدمتون، پارلياماني ۽ سياسي ڏاهپ هميشه ياد رکي ويندي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ اڳوڻي سينيٽر ايس ايم ظفر جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ اڳوڻي سينيٽر ايس ايم ظفر جي لاڏاڻي تي سينيٽ ميمبرن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، رانا مقبول احمد سول سرونٽ ۽ پوليس آفيسر جي حيثيت سان نالو ڪمايو. هن پنجاب ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، 2018ع ۾ هو پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو، هو شفيق، باصلاحيت ۽ بهترين دوست هو، سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، کيس هڪ ڊڪٽيٽر گرفتار ڪيو، هو 19 مهينا جيل ۾ رهيو ۽ باعزت بري ٿيو. هن چيو ته نواز شريف خلاف منفرد هاءِ جيڪنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، هن سنڌ ۾ بهترين پوليس آفيسر طور ڪم ڪيو ان جي جيتري واکاڻ ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.
اليڪشن ڪميشن پاران ووٽرن جي تفصيلن جي درستگي لاءِ اڄ سموريون فيلڊ آفيسون کليل رکڻ جو فيصلو
اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عوام جي سهولت لاءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن سرڪاري موڪل باوجود سموريون فيلڊ آفيسون کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن عوام ووٽ داخل ڪرائڻ، منتقل ڪرائڻ، خارج ڪرائڻ ۽ تفصيلن جي درستگي جي سلسلي ۾ سرڪاري وقت دوران رابطو ڪري سگهندا. جمعي ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب اليڪشن ڪميشن 24 آڪٽوبر 2023ع تي ووٽ داخل، منتقل، خارج ۽ تفيصلن جي درستي جي مد ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي هئي جنهن موجب هاڻي ووٽ داخل، منتقل، خارج ۽ تفصيلن جي درستگي 28 آڪٽوبر تائين ٿي سگهندي، چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کي ان ڏس ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن هو پنهنجي پنهنجي صوبن ۾ ڇنڇر ڏينهن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرز، رجسٽريشن آفيسرز جون آفيسون کليل رکڻ ۽ عوام کي ووٽ داخل، منتقل، خارج ۽ تفصيلن جي درستگي جي سلسلي ۾ سمورين سهولتن کي يقيني بڻائين، اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته قانون موجب ووٽ داخل ۽ منتقل صرف شناختي ڪارڊ تي داخل ايڊريس موجب ئي ڪري سگهجي ٿو.