سلطانپور ڀرسان پراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ آيل هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي

سلطانپور(رپورٽ: قربان علي مهر ) سلطانپور ڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بادو خان شر ۾ پراڻي زميني تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، پيرجو ڳوٺ خيرپور کان فيصلي لاءِ آيل شر برادري جي ھٿياربندن موقعي جو فائدو وٺندي اوچتو انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ 2 ڄڻا ھدايت الله پٽ مير محمد شر ۽ عابد علي پٽ عطامحمد شر قتل ٿي ويا، 2 ڄڻا عطامحمد پٽ قبول خان ۽ محمد عمر پٽ انور علي شر سخت زخمي ٿي پيا، سلطانپور ڪينٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم ۽ زخمين کي علاج لاءِ پني عاقل ۽ روھڙي اسپتالن ۾ پھچايو، سلطانپور ڪينٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪنٽرول سنڀالي ورتو، جڏھن تـ فائرنگ ڪري فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سلطانپور، سانگي ۽ دبر ٿاڻن جي حد ۾ ناڪابندي ڪئي وئي ۽ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا ڪمند جي سوين ايڪڙ بيٺل فصل ۾ لهي پيا، خوني واقعي ۾ فائرنگ بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو، ايس ايڇ او سلطانپور محمد خان سيال ٻڌايو تـ واقعو پراڻي زميني تڪرار تان پيش آيو آھي ڪينٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪنٽرول ڪري ورتو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.