گهوٽڪي(ت ر)گهوٽڪي ڀرسان ساليءَ کي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ همراهه جي فائرنگ ۾ زال مارجي وئي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو،خبرموجب گهوٽڪي ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان ٽانوري پلاٽ واري علائقي ۾ عابد علي گڏاڻي ساليءَ کي پُٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ گهر اندر فائرنگ ڪئي ته گولي سندس گهرواري مسمات فوزيه گڏاڻي کي مٿي ۾ لڳي جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پئي، واقعي بعد زخمي ناري فوزيه گڏاڻي کي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي، گهوٽڪي پوليس مقتولا ناري جي مڙس عابد گڏاڻي کي سول اسپتال مان ئي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ هو ته اتفاقي گولي لڳڻ سبب ناري جي فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو جنهن بعد ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي، جوابدار مڙس عابد گڏاڻي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.