ڪراچي(رپورٽر ) نگران وزير تعليم طرفان ٻن اسڪول جي دوري دوران ڪلاس ۾ 2 لٺيون رکيل ھجڻ تي عورت۽ مرد ٽيچر کي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اهڙو حڪم ڪراچي جي صدر ٽائون ڪينٽ هڪسرڪاري اسڪول جي بي پي ايس ڪينٽ 2 صدر ٽائون ۾ نگران صوبائي وزير تعليم رعنا حسين طرفان سرپرائيز دوري دوران اسڪول جي ڪلاس رومن ۾ 2 لٺيون ٽيبل تي پيل ڏسي ۽ ڪلاس روم مينٽين نه هجڻ تي ٻن استادن هڪ ماسترياڻي اي سي ٽي سبجيڪٽ ٽيڍر امبرين ۽ پي ايس ٽي استاد نثار احمد کي ايڪسپلينيش نوٽس جاري ڪرڻ جا حڪم ڏنا جنهن بعد کاتي طرفان جاري الڳ الڳ نوٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماسترياڻي عنمبرين ۽ نثار احمد جون ڪلاس ۾ اسٽڪ لٺيون رکڻ تعليم کاتي جي پاليسي جي سرار خلاف ورزي آهي جڏهن ته صوبائي وزير جي دوري دوران مس عنبرين جو ڪلاس روم مينٽين نه هئو ان ڪري ٻنهي استادن کي کاتي طرفان ايڪسپلينيش نوٽس جاري ڪيو ڪيو آهي جن کي 5 ڏينهن ۾ لٺيون رکڻ بابت وضاحت پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي.