دادو لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين جي جاچ شروع

ڪراچي(رپورٽر) لوڪل گورنمينٽ کاتي دادو ۾ غيرقانوني ڀرٿين ۽ ترقين جو اينٽي ڪرپشن کاتي نوٽس وٺي ڇڏيو،سيڪريٽري لوڪل  گورنمنٽ ريجنل ڊائريڪٽر حيدر آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي منظوري سان تصديق ۽ رپورٽ لاءِ اينٽي ڪرپشن رولز 1993 جي تحت اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طرفان جونيئر ڪلارڪ الله بچايو لاکو جنھن کي غيرقانوني طور ترقي ڏئي دادو ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، لوڪل گورنمينٽ مقرر ڪيو ويو  گڏوگڏ ڪرپشن ۾ ملوث ھجڻ جي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آھي اينٽي ڪرپشن کاتي جي جاچ آفيسر خط لکي چيو آھي ته غيرقانوني ڀرتي غيرقانوني ترقي وٺڻ ڪرپشن ڪرڻ اختيارات جو ناجائز استعمال ڏوھاري عمل آهي. تنھن ڪري الله بچايو لاکو ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ دادو ھن جاري ٿيل نوٽس تي اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري آفيسر آڏو 30 اڪٽومبر تي 12.00 منجھند جو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ  لاءِ ۽ انڪوائري ۾ سڀني لاڳاپيل دستاويزي رڪارڊ جنھن ۾ پهرين پگھار جي پي سلپ ڀرٿي جي اشتهار جي ڪاپي ڀرٿي ٿيل آڊر ترقين جي ريڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي ھدايت ڪئي آھي اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري ريجنل ڊائريڪٽر حيدر آباد ايس او ايڊمن کي ھدايت جاري ڪئي آھي ته ھو الله بچايو لاکو کي انڪوائري لاءِ لازمي طور تي پيش ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.