ڪراچي (م ڊ ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) عام چونڊن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين سمورن تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جي ڊي اي جي چيف آرگنائيزر سيد صدر الدين شاهه راشدي چيو ته عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ 29 آڪٽوبر تي سيوهڻ شريف ۾ اجلاس ٿيندو، 30 آڪٽوبر تي عمرڪوٽ ۾ ضلعي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو. سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته سنڌ جي عوام سان ناانصافين جو باب بند ٿيڻ گهرجي، هو چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ ۽ ڌانڌلي کي برداشت نه ڪندا. اسرائيلي بربريت جي مذمت ڪندي هن چيو ته اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان هر ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.