حيدرآباد ( پ ر ) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته سنڌ ۾ قومي ۽ سنڌ دوست فڪر سان سرشار ماڻھن وڏي بهادري ۽ بي باقي سان قابض قوتن کي للڪاريو آھي ۽ انهن ثابت قدمي سان تعمير ۽ تحفظ لاءِ پنهنجون زندگيون سنڌ کي ارپي ڇڏيون آھن بشير شاهاڻي به لطيف سائين ۽ سائين جي ايم سيد جو صالح پيروڪار هو جنهن پنهنجي نوجواني ۾ هتي سنڌ جي ماڻھن لاءِ سياسي ۽ قومي جدوجهد شروع ڪئي هئي ته سنڌ مان بک ۽ غلامي جو خاتمو ٿئي ۽ سنڌين کي حقيقي خوشالي نصيب ٿئي جڏھن هو آمريڪا ويو تڏھن به سنڌ پرست جدوجهد سان سلهاڙيل هو ۽ آمريڪا ۾ سڀني سنڌين جو ڀرجهلو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي انهن جي خدمت ڪئي، جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو حيدرآباد ۾ سخي ستارڏنو چولياڻي هائوس تي بشير شاهاڻي لاءِ گهرايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اڄ حالت هي آھي ته لاتعداد انساني ترقي ۽ خوشحالي جا وسيلا هجڻ باوجود سنڌ ھن فيڊريشن اندر بک ۽ بدحالي انساني خدڪشين ۽ محرومين جو مرڪز بڻيل آھي، ڪڏھن ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي، پيپلزامن ڪميٽي جي غنڊاگردي ڪراچي تي مڙھيل هئي ۽ وري منظم طريقي سان افغانين ۽ ٻين غيرملڪين جو عذاب، منشيات فروشي گذريل 45 سالن کان وٺي مسنوعي طريقي سان امن امان خراب ڪري ڌاڙيل گردي، دهشتگردي، افغان گردي، ضيائي آمريت کان وٺي موجوده نگران حڪمرانن تائين برقرار آھي، افغانين جي نيڪالي ۾ 3ڏينهن بچا آھن پر سنڌ ۾ حڪومت جا ڪي به اپاءُ نظر نٿا اچن، لکين غيرقانوني افغانين جا ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺاهيا ويا آھن جن جو رڪارڊ نادرا ۽ ايف آءِ اي وٽ موجود آھي، سنڌ ۾ تباهي جو سامان گڏ ڪندڙ افغانين، بنگالين ۽ بهارين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي.