اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته جمهوريت ۾ خاموشي ناهي هوندي، گوڙ هوندو آهي، ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ پوءِ ئي حل نڪرندو آهي. وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پريس گيلري ۾ پهتو، سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته جمهوريت ۾ خاموشي ۽ سڪون ناهي هوندو، جمهوريت ۾ گوڙ، آواز ۽ ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ پوءِ ئي حل نڪرندو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته مان حڪومت جو ترجمان آهيان، ڪالهه جي پريس رليز حڪومت جي آهي، اسان گڏ آهيون، گڏجي مسئلا حل ڪنداسين.