ادا قاضي جون ادبي خدمتون

تحرير: رکيل مورائي

هن سان مان نئين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي آفيس ۾ مليو هوس، اهو سڀاڳو ڏينهن نئين صديءَ ۾ نئين اميد جو سبب بڻيو هُئو! غير ارادي طور مون هن جي چهري ڏانهن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو هئو نهايت معصوم چهرو، بلوري اکيون، ڪارا نڀور وار ترتيب سان سنواريل هو مون کي پهرئين نظر ۾ هو هالي ووڊ جي ڪنهن مشهور اداڪار جيان لڳو هئو، اديب جيان بلڪل نه! پر جيڪڏهن هو اديب نه هئو ته پوءِ سنڌيڪا ۾ سندس موجودگي ڇو هئي؟

منهنجي من ۾ اڄ به اهو سوال موجود آهي شايد! رکي رکي منهنجون اکيون سندس چهري ڏانهن کڄي ٿي ويون جنهن چهري تان سمورو وقت معصوميت جا پاڇا نه هٽيا هئا ۽ نيٺ هن منهنجو نالو اُچاري چيو هئو، ادا خوش آهيو؟ مون کي ادا قاضي چوندا آهن، بس ايتري دير هئي ڇو ته نالو منهنجو نه صرف ٻڌل هئو پر پڙهيل به هئو، ٿوري وقت ۾ گهڻيون ڳالهيون ڪري هڪ ٻئي کان موڪلايو هئوسين ۽ پوءِ ڪڏهن ملڻ ٿيندو هئو اڪثر ساڳي سنڌيڪا تي.

اڪثر هو پنهنجي ڪنهن نئين ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ اُتي موجود هوندو هئو! اسين جڏهن به ملياسين شخصي ڪو به حال احوال ڪو نه ڪيوسين ڪتابن جي باري ۾، ڪهاڻين جي حوالي ۾، ناٽڪ جي پوئتي پوڻ جي باري ۾، شاعريءَ جي باري ۾ سبب اهو هئو جو هو جنهن خاندان سان واسطو رکندڙ هئو ان اڪثر شاعر ئي پيدا ڪيا آهن، ٻيءَ طرح هو ان مٽيءَ مان جڙيل آهي، جنهن مٽيءَ عالم کي دنيا جي پهرئين تهذيب جوڙي ڏني ”موهن جو دڙو“.

ادا قاضي لاڙڪاڻي جي ننڍڙي شهر رتيديري جي قاضي خاندان ۾ جنم ورتو. اهو سڀاڳو ڏينهن 8 فيبروري 1939ع جو هئو، فضل ڪريم ولد محمد امين قاضي اڳتي هلي پنهنجي ادبي نالي ادا قاضي جي نالي سان سڃاتو ويو. هن جي ادب ۾ بنيادي اهميت ڪهاڻي ۽ ناٽڪ کي آهي. جيتوڻيڪ هن مضمون، مقالا، مزاحيه ڪالم ۽ ڪهاڻيون وغيره پڻ لکيون آهن، شاهه ڀٽائيءَ سان به نڀايو آهي، پر ناٽڪ سان سندس نينهن آهي ۽ ڪهاڻي سندس قلب کي قرار ڏئي ٿي. جيتوڻيڪ ادا قاضي پاڻ پنهنجي سراپي ۾ انهن ڪهاڻين ۽ ناٽڪن جو ويس ڌاري لڳندو آهي، هو ڊرائينگ جو استاد آهي، ان ڪري آرٽ سان سندس سڌو واسطو آهي. پر هر شخص آرٽ ۾ ان شعبي کي چونڊيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي اظهار کي آسانيءَ سان ٻين تائين پهچائي سگهي، ان کان اڳ جنهن شعبي ۾ پاڻ کي سهنجو محسوس ڪري سگهي. ادا قاضي صاحب لاءِ اهڙو شعبو ڪهاڻي ۽ ناٽڪ جو آهي، سندس ڪهاڻين جا ڇهه کن ڪتاب ڇپيل آهن، خوشي ڏيندڙ ڳالهه اِها آهي ته سندس ناٽڪن جو چڱو حصو ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل آهي، جڏهن ته سنڌي ناٽڪ ڪتابي صورت ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ نهايت گهٽ ئي ڇپيو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ هند ۾ ناٽڪن جا ڪتاب گهڻي مقدار ۾ ملي سگهندا، ڪيئن به ادا قاضي صاحب پنهنجي تخليقي ادب ۾ ڪهاڻي ۽ ناٽڪ سان جيڪو پيار ڪيو اهو سندس سموري زندگيءَ ۾ هر ٻئي ڏينهن وڌندو ئي رهيو. بلڪل سچل سرمست جي هن سٽ جيان:

سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڻي چٽڙي هو ويس ڏاڙهي.

ادا قاضي صاحب جو اهو عشق سندس زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين سلامت رهيو. ان عشق اهي ڪرشما ڏيکاريا جو هن نثري ادب جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن ۾ ادب کي گهڻو ئي ڏنو هڪ درجن کن ڪتاب ۽ انهن ۾ نثر جا الڳ الڳ نمونا هڪ زندگيءَ ۾ ڇا ايترو گهٽ آهي، جڏهن اسان جهڙن غريب ملڪن جي لکندڙن کي جيئڻ جي جنگ به وڙهڻي هجي، ٻچا به پالڻا هجن، نوڪريءَ جي ٽوڪري به مٿي تي هجي، پوءِ به اهي ماڻهو لکڻ پڙهڻ ۽ پنهنجي وطن ۽ ان جي ٻوليءَ کي ڪجهه ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهندا هجن. اهو گهٽ عمل آهي؟ جو انهن کي اسين دل سان ۽ روح سان ياد به نه ڪري سگهندا هجون. اهو ته سچ آهي ته اڄ جو ادب اهڙن ماڻهن/ليکڪن جي محنت جي ثمر طور ئي اسان وٽ آهي، اسان سندن احسان ڪيئن وساري سگهنداسين، اهو پاڻ کي وسارڻ برابر ٿيندو ۽ پڪ سمجهڻ گهرجي ته جيڪي قومون ويساري جي مرض ۾ مبتلا ٿينديون آهن اهي مسارجي وينديون آهن، ان ڪري اسان کي يادگيري طور به ادا قاضيءَ جهڙن لکندڙن کي وري وري پڙهڻ گهرجي جيئن اسان ۾ مستقل لکڻ جو جذبو زندهه رهي سگهي.

ادا قاضي صاحب هڪ استاد طور، اسڪول جي استاد کان وڌيڪ هڪ قسم ۽ هڪ ٻوليءَ جي استاد طور جيڪو سنڌ کي ڏنو آهي، ادب جي ميدان ۾ الڳ ۽ علم جي ميدان ۾ الڳ، ان سڀ جو ليکو ڪرڻ ته بنهه ٺيڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ عشق جو پنڌ آهي ۽ عشق ۾ ليکڪ جي گنجائش گهٽ هوندي آهي. ادا قاضيءَ صاحب جي ادب ۾ اهو ليکو ته ڳڻائي سگهجي ٿو ته هن سنڌ سماج ۾ رهندي ان سماج کي پنهنجي لکڻين وسيلي ڪيترو شاهوڪار ڪيو آهي ۽ جيڪو هن سنڌي ادبي حوالي ۾ ٿورڙي به شاهوڪاري ماڻي آهي ته ان ۾ هن لاڙڪاڻي جي مور ماڻهو ۽ ليکڪ جو پنهنجو حصو آهي، ان کي نظرانداز ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

ادب ۾ توڻي زندگيءَ ۾ نظراندازي کي رسول حمزه توو هيئن ڏٺو آهي ته:”جيڪڏهن تون ماضي کي پستول جو نشانو بڻائيندين ته مستقبل توکي توب جو نشانو بڻائيندو.“

سٽون ڪجهه ٻئي طرح هونديون مقصد اهو ئي آهي.

سنڌي ادب کي پنهنجي سموري ڄمار ارپيندڙ ادا قاضي صاحب اسان کان 28 آڪٽوبر 2022ع تي جسماني طرح ڀلي الڳ ٿي ويو پر هو پنهنجي ڪتابن ۾ هر وقت اسان وٽ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته ڪا به لکيل سٽ سوين سال جيئري رهندي آهي، ائين ادا قاضي اسان وٽ سدائين موجود رهڻو آهي، ڪو به شخص پنهنجي عمر گذاري وڃي ٿو. عمل ۾ هو سدائين زندهه رهڻو آهي، ۽ اهو ليکڪ ته پڪ سان جنهن وٽ هڪ درجن ڪتاب موجود هجن، موهن جي دڙي جي هڪ معصوم ۽ حسين ماڻهو ۽ ليکڪ کي اڄ سندس وفات واري ڏينهن ياد ڪري اسين ڄڻ زندگيءَ کي ياد ڪري رهيا آهيون جيڪا ازل کان ابد تائين رهڻي آهي، شخص کي فقط پنهنجي عمر گذاري پاڻ مٽائڻو پوي ٿو پر ان شخص کي وساري سگهجي اهو ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ جڏهن اهو شخص هڪ تخليقڪار به هجي ۽ ادا قاضيءَ جهڙو موهڻو به هجي ته اهو ممڪن ڪٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.