سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان اهليت جا نڪرندڙ جنازا

تحرير: اي اي عباسي

گذريل 76 سالن کان هڪ مافيا ملڪ جي سمورن معدني وسيلن تي قابض بڻيل آهي.اها مافيا قابض آهي جيڪا مسلسل اسان جي ماڻهن کي غلام ابن غلام بڻائي بيٺي آهي. اها مافيا هن معاشري ۾ سياست جي نالي ۾ عوام کي ٺڳي ڪندي فريب ذريعي لٽي ڦري رهي آهي.بظاهر اهي اسان جي ماڻهن جا قومي ليڊر ٿا سڏجن پر انهن جو پري تائين به عوام جي ڏکن، تڪليفن، اهنجن، مسئلن جي حل لاءِ انهن وٽ ڪو به درد ناهي هوندو.

اهي سياست جي نالي تي عوام کي هر ڀيري  لٽيندا ڦريندا رهن ٿا ۽ پنهنجا بئنڪ بئلنس اڪائونٽ ڀريندا رهيا آهن. اهي غير قانوني ڪميشن ذريعي هر سرڪاري اداري ۾ پنهنجا ماڻهو رکي بيروزگار نوجوانن جو رت چوسي رهيا آهن ۽ بيروزگارن جو معاشي قتل عام ڪندا رهن ٿا ۽ اهي هميشه ميرٽ اهليت جي لتاڙ ڪندا رهيا آهن. ڪڏهن عالم دين ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ شعبي سنڌ جي نگران جنيد علي عطاري جي پڙهيل لکيل بهترين تعليم يافته ڀاڻيجي ربيعه جي احساس، ارمانن، تعليمي جستجو، لڳاتار محنتن تي اهي سياسي مافيائون جيڪي ميرٽ اهليت جي لتاڙ ڪندي زندگي زهر بڻائي، الوٽ سيکڙاٽ، ميرٽ کان اڻ واقف ماڻهن کي نوازيو وڃي ٿو.

جڏهن ته ربيعه هڪ اهڙي نياڻي آهي جيڪا هوسڙي ننڍي ڳوٺ علائقي کان وڏيون تڪليفون مشڪلاتون برداشت ڪندي پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ ئي پنهنجي علائقي ۾ نياڻين کي تعليم سان سرفراز ڪري رهي آهي انهيءَ جي زير اثر سندس جون شاگردياڻيون ٻه ٻه ته فاريسٽ آفيسر، ٽائون آفيسر جي نوڪرين وٺڻ ۾ ڪيئن ڪامياب قرار ڏنيون وڃن ٿيون پر اصل ۾ جيڪا ڪميشن جي امتحانن جي تياري ڪرائي رهي آهي اها ڪيئن پوئتي ڪرائي وڃي ٿي. جڏهن ته سنڌ جي نياڻي ربيعه جيڪا فاريسٽ آفيسر توڙي ٽائون آفيسر جي امتحان ٽيسٽن ۾ 90 سيڪڙو مارڪون کڻي ڪامياب ٿي وڃي ٿي.

پر جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انٽرويوز جو مرحلو اچي ٿو ته پوءِ فلاڻي سياسي پارٽي جا ڪارڪن، ورڪر، واٺا، من پسند، سفارشي نوازيا وڃن ٿا. جنهن کان ربيعه جا والدين پڻ وڏي مايوسي جو شڪار بڻجي سنڌ جي نظام حڪومت خاص ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انٽرويوز وٺندڙ عملي کان خائف ۽ الرجڪ بڻجي وڏي مايوسي جو اظهار ڪندي چون ٿا ته هي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن، نياڻين سان نسورو ناحق ٿي رهيو آهي ته پڙهيل لکيل تعليم يافته نياڻين جي ميرٽ اهليت هجن باوجود انهن کي 90، 90 سيڪڙو مارڪون امتحان ۾ ملڻ باوجود به آخر ۾ مافيائون پئسا رشوت ٽولا سرگرم عمل بڻجي اتي انٽرويوز ۾ نااهل قرار وڏي ڳري رقم رشوت جي نه ڏيڻ تان ڪنهن. سياسي پنڊت جي هائوسن بنگلن تي حاضري نه ڀرڻ تان ڪنهن ڄٽ وڏيري واٺي، رئيس نواب، خان مير جي چاپلوسي نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ميرٽ اهليت جو جنازو کڄي رهيو آهي.

سنڌ جي هر هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪا گذريل 16 سالن کان ڀينگ لوٽمار تي آهي. چور دروازي کان آيل ماڻهن اڻپڙهيل، آڱوٺي ڇاپ ماڻهن کي نوڪرين تي وڏي رشوت ڀري رکيو وڃي ٿو ته پوءِ اهل، ميرٽ ۽ اهليت تي ايندڙ بيروزگارن جو ڇا ٿيندو؟ خدارا انهيءَ سلسلي ۾ ڪورٽ سڳوري عدليه پنهنجو انصاف تي ٻڌل ڪردار ادا ڪري ۽ ٽائون آفيسر توڙي فاريسٽ آفيسر سميت سمورن جهڙوڪ تازو تعليم کاتي ۾ آءِ بي اي تحت نون ٽيچرس جي ڀرتي جي به جاچ ڪئي وڃي ته اتي هارڊ ايرياز ۽ سافٽ ايرياز جي نالي ۾ ڪيڏي ميرٽ اهليت جي لتاڙ ڪئي وئي آهي ۽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 16 گريڊ جي ٽيچرس کي عام ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي شاگردن شاگردياڻين جا مسٽرول حاضري ڪتاب ۾ صحيح طرح نالا به نٿا لکن اچن ته پوءِ هي ڪهڙي ميرٽ تي نوان ٽيچرس ڀرتي ڪيا ويا آهن. ڪيترا ئي اهڙا ميل ۽ فيميل ٽيچرس جا آرڊر ڪيا ويا آهن جيڪي پنهنجي مرضي تي پنهنجي ڳري لکين رپين جي رشوت ادا ڪرڻ بعد هاڻي به آرڊر ڪيا ويا آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو واحد ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ آهي جنهن ۾ ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي. ڪو سوچي ته پوءِ شاگردن کي ڪهڙي ملي سگهندي.

اصل حقدار پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوان ڳري رشوت نه ڏيڻ سبب نظر انداز ڪيا ويا آهن. جڏهن ته پنهنجن من پسند  ۽  خوشامدي ماڻهن کي نوڪرين جا  آرڊر گهر ويٺي ڏنا وڃن ٿا. اهڙي معاشري ۾ آخر ڇڙواڳي پيدا نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو ؟ نوجوانن پنهنجن تعليم جي ڊگرين کي وزيرن جي بنگلن، سيڪريٽريٽ ،هائوسز تائين اڳيان ايلاز ڪندي نوجوان نوڪرين لاءِ ڇا نه ڪيو آهي.پر ساڳيا ڦٽل ٽٽل اهي خواب مثل آسرا دلاسا ڏنا وڃن ٿا پر ڪنهن به حقيقي اهليت ميرٽ رکندڙ نوجوان جي واهر نه ٿئي ته پوءِ هو ڪيڏانهن وڃن ؟ اڪثر نوجوان اعليٰ تعليم يافته هجڻ باوجود نوڪرين نه  ملڻ ڪري ذهني طرح تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن نه صرف متاثر ٿيا آهن پر اهي نوجوان ذهني طرح اذيت جو شڪار بڻجي ذهني ٽارچر ۾ زندگي گذاري رهيا آهن .

 

سنڌ جي هر هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪا گذريل 16 سالن کان ڀينگ لوٽمار تي آهي. چور دروازي کان آيل ماڻهن اڻپڙهيل، آڱوٺي ڇاپ ماڻهن کي نوڪرين تي وڏي رشوت ڀري رکيو وڃي ٿو ته پوءِ اهل، ميرٽ ۽ اهليت تي ايندڙ بيروزگارن جو ڇا ٿيندو؟ خدارا انهيءَ سلسلي ۾ ڪورٽ سڳوري عدليه پنهنجو انصاف تي ٻڌل ڪردار ادا ڪري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.