ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڄ کان شروع ٿيندڙ ڪانفرنس

تحرير: حفيظان وڌيو

سنڌ صدين کان هڪ آزاد وطن ۽ خوشحال خطو رهي آهي، پر غلامي جي طوق هن خوشحال خطي کي هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڄڻ ته تهس نهس ڪري ڇڏيو هجي. ڌرتيءَ کي ملندڙ هڪڙو سور ختم ئي نٿو ٿئي ته ٻيو سور اچي دروازو ٿو کڙڪائي، هڪڙي زخم ڀرڻ جي ڪوشش اڃان اڌ ۾ ئي هجي ٿي ته وري سنڌ ڪنهن نئين زخم جو شڪار ٿي پوي ٿي. رڳو چند مهينن کي ئي آڱرين تي ڳڻينداسين ته لڱ ڪانڊارجي ويندا ته سنڌ ڇا ڇا نه ڀوڳي رهي آهي.

قبائلي جهيڙن جي باھ جي نذر ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جو ڏک اڃان تازو ئي هو ته مٿان صحافي جان محمد مهر جو خون ٿي ويو، سنڌ ان ڏک ۾ ئي هئي ته معصوم فاطمه جو پيراڻي حويليءَ مان لاش مليو، ان لاش تي اڃان سنڌ جو ماتم هلي ئي رهيو هو ته وري رياستي هٿياربندن هٿان سڪرنڊ ۾ بي گناھ ڳوٺاڻا  قتل ڪيا ويا. بي رحمي جو اهو سلسلو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. سنڌ سان اڳتي اڃان ڪيترا ڪلور ٿيڻا آهن، انهن جو اندازو ان ڪري به نٿو لڳائي سگهجي، جو غلام قومن جي حصي ۾ بي انت سور لکيل هوندا آهن. انهن بي حساب سورن کي ڏسي اڄڪلهھ سنڌ ڀٽائيءَ جي اها سسئي ٿي محسوس ٿئي، جنهن لاءِ هن چيو هو ته،

سرجيس تان سور، سامائيس تان سک ويا،

اهي ٻئي پور مون نماڻيءَ نصيب ٿيا!

هڪڙي پاسي نماڻي سنڌ آهي ۽ ٻئي پاسي گهڻ طرفا دشمن آهن، جن سنڌ کي گهيري رکيو آهي.هڪڙي پاسي مني صديءَ کان رياستي ڏاڍ آهي ته ٻئي پاسي خود سنڌ ۾ جنم وٺندڙ رياست جا سهولتڪار ٿي پنهنجي ڌرتي ماءُ جو ماس پٽڻ لاءِ هر وقت تيار ويٺا هجن ٿا. سنڌ جا وسيلا هجن، زمينون هجن، ٻيلا هجن، جبل هجن، سامونڊي ٻيٽ هجن، درياءُ هجي، روزگار هجي، امن هجي، مذهبي رواداري هجي، سڀ ڪجھ داءَ تي لڳل آهي. صدين کان مذهبي فرق کان آجي رهندڙ سنڌ لاءِ ڪنهن به اهو نه سوچيو هو ته هتي مذهب جي بنياد تي نياڻيون کنڀيون وينديون، انهن جو مذهب تبديل ٿيندو ۽ اهي پنهنجي مرضيءَ جي ابتڙ پرڻايون وينديون. هڪ پاسي مذهبي انتها پسندن ذريعي هندو نياڻين جو کنڀجڻ آهي ته ٻئي پاسي پرامن سياسي ڪارڪن رياستي ادارن هٿان کنڀجڻ روز جو معمول بڻجي پيو آهي. خوف جي هڪ اهڙي فضا قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ماڻهن لاءِ ساھ کڻڻ ڏکيو بڻجي پيو آهي.

اهڙي ساھ منجهائيندڙ ماحول مان آزاديءَ لاءِ اسان سڀني کي گهڻ طرفي ويڙهه ڪرڻي آهي ۽ سڀني کي پنهنجي پنهنجي مورچي تي ڀرپور ويڙهه ڪرڻي آهي. دانشور، صحافي، اسڪالر، شاعر، اديب، آرٽسٽ، انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندر تنظيمن، سياسي قيادت ۽ پرڏيهه ۾ ويٺل سنڌين کي گڏجي سنڌ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته قومن جي حقن لاءِ مقامي سطح تي تحريڪ ۽ جدوجهد ئي بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي، پر دنيا اندر پنهنجي حق ۾ راءِ عامه جوڙڻ لاءِ عالمي سطح جا فورم ۽ تنظيمون پڻ وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن. سنڌ جي حقن لاءِ عالمي سطح تي مثبت راءِ عامه جوڙڻ لاءِ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پڻ گذريل 35 سالن کان پنهنجو ڪردار نڀائيندي پئي اچي. مظلوم قومن لاءِ اقوام متحده جو فورم هجي يا انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارا هجن، اتي ورلڊ سنڌي ڪانگريس مظلوم سنڌ جي ڀرپور آواز طور حصو ورتو آهي. ان سان گڏ سالياني ڪانفرنس پڻ اهڙو موقعو هجي ٿو، جتي سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن تي باشعور ماڻهن جون ويهڪون منعقد ٿينديون رهن ٿيون.

اهڙي ئي ڪانفرنس هن ڀيري به اڄ آڪٽوبر جي 28 تاريخ تي لنڊن ۾ رکي وئي آهي.ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ هن ڪانفرنس جو هڪ موضوع پرڏيهه، خاص طور برطانيا ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي ڪارڪردگي پڻ آهي. ان سان گڏ هڪ ڏينهن واري هن عالمي ڪانفرنس ۾ حق خود اراديت واري موضوع تي پڻ هڪ اهم ترين ويهڪ رکيل آهي. سنڌ جي حق خود اراديت جي حوالي سان سنڌي ڊائسپورا جي ڪردار جي حوالي سان پڻ الڳ سان هڪ ويهڪ هن ڪانفرنس جو حصو آهي. انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان پڻ هن عالمي ڪانفرنس ۾ هڪ سيشن رکيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ اندر ٿيندڙ انساني حقن جي صورتحال تي ڳالهايو ويندو. برطانيا ۾ سنڌي ڊائسپورا جي حوالي سان پڻ هڪ سيشن رکيو ويو آهي. هن عالمي ڪانفرنس ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال توڙي پاڻيءَ جي بدانتظامي ۽ جبري طور مذهبي تبديلي بابت ڊاڪيومينٽريز پڻ ڏيکاريون وينديون.

سنڌ سميت دنيا جي مختلف ملڪن مان جيڪي مک ماڻهو هن ڪانفرنس جي ويهڪن جو حصو هوندا، انهن ۾ سوئيڊن کان پروفيسر ڊاڪٽر اشتياق احمد، آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيا جو پروفيسر فيونا مڪنيل، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد چانڊيو، هيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان جو حارث خليق، ڪئنيڊا مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو حاجن ڪلهوڙو، انڊيا مان سنڌي هيريٽيج فائونڊيش جو نارائڻ بابلاڻي، اسپين مان ستيش رائيسنگهاڻي، آمريڪا مان سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو، رائيز نيوز سنڌ سان تعلق رکندڙ وينگس شريڪ ٿيندا.

ياد رهي ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس سائين جي ايم سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ پاڻ جوڙائي هئي ۽ جيستائين سائين جي ايم سيد حيات هو، تيستائين ورلڊ سنڌي ڪانگريس جا پاڻ چيئرمين رهيا. 35 سالن کان ورلڊ سنڌي ڪانگريس مسلسل سنڌ اندر انساني حقن جي ڀڃڪڙين واري صورتحال کان عالمي برادري جي آگاهي لاءِ بين الاقوامي فورمز تي آواز اٿاريندي رهي آهي.

ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ هن ڪانفرنس جو هڪ موضوع پرڏيهه، خاص طور برطانيا ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي ڪارڪردگي پڻ آهي. ان سان گڏ هڪ ڏينهن واري هن عالمي ڪانفرنس ۾ حق خود اراديت واري موضوع تي پڻ هڪ اهم ترين ويهڪ رکيل آهي. سنڌ جي حق خود اراديت جي حوالي سان سنڌي ڊائسپورا جي ڪردار جي حوالي سان پڻ الڳ سان هڪ ويهڪ هن ڪانفرنس جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.