نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آھي ته ڪنھن به سياسي جماعت کي چونڊ عمل مان ٻاھر ڪڍڻ جو خواھشمند ناھيان، پر جيڪڏھن ڪنھن جماعت مٿان عدالتي پابندي لاڳو ٿئي ٿي ته اھو نظام جو حصو آھي.
ياد رھي ته ڪجهھ وقت اڳ ۾ وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ھو ته ايندڙ عام چونڊن واري ووٽ پيپر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان نه ڏنو ويندو. جنھن جو مطلب اھو ھو ته طاقتور ڌرين پاڪستان تحريڪ انصاف کي چونڊ عمل کان ٻاھر ڪڍڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آھي.ان بيان کان پوءِ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي، مٿس ڌر بڻجڻ جا الزام پڻ ھنيا ويا. جيڪي ڪنھن حد تائين درست به آھن. ڇاڪاڻ ته نگران حڪومت ۾ شامل ماڻھن کي ھر حوالي سان غير جانبدار رھڻ گھرجي، کين ڪنھن به عمل ذريعي پنھنجي پسند ۽ ناپسند جو اظھار نه ڪرڻ گھرجي.
وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ مٿيون بيان ان وقت ڏنو ھو، جنھن وقت نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ سمورا معاملا طئي ٿي چڪا ھئا. جيڪو ڏيهھ واپس ورڻ جي اعلان سان گڏ پنھنجي پوري تياري پڻ ڪري چڪو ھو. ان لاءِ ڪجھه تجزئي نگارن جو چوڻ آھي ته ايندڙ وقت عمران خان ۽ سندس جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ موجوده حالتن کان به وڌيڪ ڏکيو بڻجي سگھي ٿو. نواز شريف جي وطن واپسي نه رڳو پي ٽي آءِ کي سياسي لحاظ کان ڌڪ ڏئي سگھي ٿي، پر ان سان اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ٺاھ واري عمران خان جي ڪوشش ناڪام ۽ سندس اميد پڻ ختم ٿي ويندي.
جيتوڻيڪ ميان محمد نواز شريف پنھنجي استقبالي جلسي کي خطاب ڪندي چيو آھي ته ھو مستقبل ۾ ڪنھن کان به پلاند وٺڻ جو ارادو نٿو رکي پر ڇا ايئن ممڪن آھي؟ اھو جانچڻ لاءِ اسان کي نواز شريف جي ماضي جو پسمنظر معلوم ڪرڻ گھرجي.
نواز شريف پنھنجي گذريل حڪومتن ۾ پنھنجي سياسي مخالفن مٿان مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندو رھيو آھي. کين ھر لحاظ کان پريشان ڪري انھن کي ملڪ ڇڏڻ تي به مجبور ڪندو رھيو، نه رڳو ايترو پر ھن سندن سياسي رستا روڪ ڪرڻ جي پڻ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي. بينظير ڀٽو صاحبه نواز شريف جي ھر دور ۾ پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪئي جڏھن ته سندس ور آصف علي زرداري ميان صاحب جي دور اقتدار دوران گھڻو وقت جيل ۾ رھيو. نواز شريف جي انتقامي ڪارروائي جو شڪار صرف سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن نه بڻيا ھئا، پر ان زد ۾ عام ماڻھو به ايندا رھيا.
جن ماڻھن پ پ جي حڪومت ۾ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪيون، انھن مان اڪثريت کي نواز شريف اقتدار ۾ ايندي ئي برطرف ڪري ٿي ڇڏيو. اقتدار ملڻ کان پوءِ جيڪڏھن عمران خان نواز شريف جي عتاب کان بچي نڪتو ته اھو ڊوميسائيل جو فرق ۽ عمران خان جي خوش نصيبي سمجھي ويندي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنھنجي گفتگو ۾ پي ٽي آءِ تي عدالتي پابندي لاڳو ٿيڻ جو اشارو ڪيو آھي. ڇا ايندڙ وقت ۾ عمران خان کي اھڙي صورتحال مان گذرڻو پوندو، جنھن مان نواز شريف گذري چڪو آھي؟
عمران خان جو جھيڙو پڻ انھن طاقتور ماڻھن سان آھي، جن سان ويجھي ماضي ۾ نواز شريف جا اختلاف ھئا. عمران خان جي جھيڙي ۽ نواز شريف جي اختلافن ۾ تمام گھڻو فرق ھجڻ جي باوجود به جيترو نواز شريف ڀوڳيو آھي، ايتري سختي اڃان تائين عمران خان سان نه ڪئي وئي آھي، پر ايندڙ وقت عمران خان لاءِ امتحان جي گھڙي بڻجي سگھي ٿو، ان لاءِ ڪنھن به صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ کيس ذھني طور تيار رھڻ گھرجي.
انوار الحق ڪاڪڙ جو بطور نگران وزير اعظم مقرر ٿيڻ، نواز شريف جو ڏيھه واپس اچڻ ۽ کيس عدالتن مان ملندڙ تڪڙي رليف مان ئي سمجھي سگھجي ٿو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪھڙي جماعت کي کٽرايو ويندو ۽ اقتدار جون واڳون ڪنھن کي ملڻ واريون آھن.ايندڙ حڪومت نواز شريف جي قيادت يا صدارت ۾ ملڪ کي موجوده صورتحال مان ٻاھر ڪڍي سگھندي ۽ گھوٽالن کي گھٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ؟ اھو ھڪ اھم سوال آھي. نواز شريف ھڪ سينئير ۽ تجربيڪار سياستدان آھي، جيڪو ملڪي ڪار وھنوار ھلائڻ جو وسيع تجربو پڻ رکي ٿو، پر ڇا ان معاملي ۾ ھو بااختيار ھوندو ۽ پنھنجو ڪم آزادانه طريقي سان جاري رکي سگھندو؟
ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. عسڪري عياشي ختم ڪري ادارن کي مڪمل طور آئين جو پاسدار بڻائڻو پوندو. سندن سياسي معاملن ۾ مداخلت ختم ڪري کين پنھنجي حد تائين محدود ڪرڻو پوندو، پر ايئن ڪرڻ نواز شريف لاءِ ممڪن ناھي، ڇو ته ھو اڳ ۾ صرف اھڙي ارادي رکڻ سبب گھڻو ڀوڳيو تان جو نااھل پڻ ٿيو. ان لاءِ نون ليگ جو ايندڙ امڪاني دور به گذريل دورن جو تسلسل ثابت ٿيندو، جنھن ۾ ڪجهھ تبديل يا بھتر ٿيندي نظر نٿو اچي.
ٿي سگھي ٿو نواز شريف ڪنھن حد تائين ملڪي معيشت کي سنڀالي وٺي ۽ ملڪ کي موجوده صورتحال مان ٻاھر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿئي پر ان سان وري ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ ڇڪتاڻ وڌندي ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي، جيڪا ملڪي معيشت ۽ ڪاروھنوار تي اثر انداز ٿيندي. نون ليگ خلاف نه رڳو پي ٽي آءِ پر پ پ پڻ ميدان تي اچي ويندي، جنھن سبب ملڪ وڌيڪ مسئلن ۾ ڦاسي پوندو. ان لاءِ ايندڙ عام چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اقتدار جمھوري طريقي
سان کٽي ايندڙ ماڻھن جي حوالي ڪيو وڃي، وڌيڪ ۽ نوان تجربا ڪرڻ ملڪ کي فائدي جي بدران نقصان ڏيندا.