نواز شريف جي اچڻ کان پوءِ وارو سياسي منظرنامو

تحرير: سھيل وڙائچ

ڪو مڃي يا نه پر نواز شريف جي اچڻ کانپوءِ سياسي منظرنامو تبديل ٿي چڪو آهي، مستقبل جي سياسي اسڪيم واضح  ٿي چڪي آهي، صاف ظاهر اچي پيو تھ ھن کي اقتدار ڏيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.

ھن جي پاڪستان پھچندي ئي نگران حڪومتن جو جادو ٽٽڻ شروع ٿي ويو آهي. نوڪرشاھي يا اقتدار پسندن جا ٻيا گروھ ،سڀ ھن جي چوڌاري گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويندا ، نيون سياسي صف بنديون ٿينديون ۽ نوان لڳ لاڳاپا جوڙيا ويندا.

چيو ويو آهي ته انتقام نه ورتو ويندو، اھو خوشي وارو اعلان آهي پر ان جي عملي شڪل ڪهڙي هوندي؟ ڇا کلاڙي  ۽ سندس پارٽي کي به کليل ميدان ملندو يا کيس جيل ۾ ئي ڪا رعايت ملندي؟بظاھر 9 مئي جي ذميوارن ۽ کلاڙي جي نمايان ساٿين سان ڪا رعايت ٿيندي نظر نھ اچي رھي آھي.ڪوڙڪي وڌيڪ سوڙھي ڪئي پئي وڃي. نوني (ن ليگ) ليڊر ۽ مقتدرا لاءِ پهريون مسئلو اهو ئي آهي ته کلاڙي جي باري ۾ ڪنھن فيصلي تائين پھچن.ظاهر آهي تھ ھي  اهڙو فيصلو ھجڻ گهرجي، جيڪو عقلي طور تي سڀني لاءِ قبوليت جوڳو هجي.

هو واپس آيو آھي  ته هڪدم سڀ ڪجهه وساري تھ نٿو سگهي، هن خلاف پاشائن، ظهير الاسلامن ۽ رضوانن جيڪو سڀ ڪيو ،جيڪي سازشون ڪيون اھي سڀ کيس ياد ھونديون. فيض حميدن، باجوائن ۽ راحيل شريفن جا ڳجها ۽ پڌرا زخم چڪندا ۽رسندا تھ ضرور ھوندا.کلاڙي ۽ عسڪري خان گڏجي ڪري جيڪو جيڪو ڪندا رھيا اھو وسارڻ مشڪل هوندو، انھن کي اھي انصاف خان بھ نٿا وساري سگھن جن پاناما جي نالي تي اقاما جي ذريعي  کيس سزا ڏني، نااهل قرار ڏنو،ھن جي مينڊيٽ جي باوجود کيس گهر موڪليو ويو، هن کي اھي گاريون،بي عزتي ۽ نفرت بھ نھ وسري ھوندي، جنھن کي ھن کي لنڊن ۾ منهن ڏيڻو پيو.

جيڪڏهن هو هڪ عام ليڊر ٿيڻ چاهي ٿو ته انھن سڀني زيادتين کي ياد رکي ڪري پنھنجون پاليسيون بڻائي ۽ ھڪ ھڪ کان بدلو  وٺي تھ جيئن مستقبل ۾ ڪو بھ ڪنھن چونڊيل وزيراعظمن سان اهڙو ورتاءُ نه ڪري سگهي، پر جيڪڏهن هو عظيم ليڊر ٿيڻ چاهي ٿو. پوءِ کيس نيلسن منڊيلا بڻجڻو پوندو.

بينظير ڀٽو وانگر پنھنجي جان جي دشمنن کي به مفاهمت طرف آڻڻو پوندو، سڀ کان پهرين سياست جي ڪردارن ۾ مفاهمت ٿيڻ گهرجي، پوءِ ئي سياست ۽ مقتدار جا معاملا طئي ٿيندا.

ھن جي اچڻ کان وٺي مقتدرا ۽ اھل سياست  جي وچ ۾ ڪيئي ڏھاڪن کان هلندڙ ويڙهه وري ياد ايندي.ھن کي اھوسوال ضرور پريشان ڪندو رھندو تھ جيڪڏھن کيس اقتدار ملي بھ ويو تھ ڇا ان ۾ اختيار بھ ھوندو ؟

ٻئي پاسي  مقتدرا زراعت،معيشت،معدنيات ۽ پرڏيھي معاملن جي باري ۾ گھڻا ئي معاملا  اڳ ئي طئي ڪري ڇڏيا آھن.اھڙي صورت ۾ وزيراعظم کي اختيار ڪٿي ملندو ؟ اھو ئي سبب آھي جو نئون بحث ھي شروع ٿيو آھي تھ ھو پارٽي ھلائي.چونڊن جي مھم کي ليڊ ڪري،پلان بڻائي،پر پاڻ وزيراعظم نھ بڻجي،پر پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ٻيهر وزيراعظم بڻائي ڇاڪاڻ ته کيس مقتدرا سان ڪم ڪرڻ جو ڪامياب تجربو آهي.

منهنجو اندازو آهي ته اھو معاملو اڳ ۾ ئي خاندان ۾ طئي ٿي چڪو آهي، جنهن مطابق نون ليگ جو وزارت عظميٰ جو اميدوار نواز شريف هوندو، اليڪشن کٽيو ته اھو وزيراعظم بڻجندو.پر هو پنهنجو مدو پورو نه ڪندو. هڪ ٻن سالن کان پوءِ هو پنهنجي ڀاءُ کي پنھنجي جاءِ تي آڻيندو ۽ خود حڪومت کان ٻاهر ويهي ڪري ان جي رھنمائي ڪندو.

مستقبل جي سياست ۾ ھن جي نمائندگي مريم نواز ڪندي، مريم نواز جي خواهش وزيراعليٰ  پنجاب بڻجڻ آھي، پر هن وقت تائين جيڪي معاملا نظر اچي رھيا آھن.ان ۾ سندس اها خواهش اليڪشن جي فورن بعد پوري ٿيندي نظر نٿي اچي، ھن خاندان کي ٻيھر اقتدارمليو تھ هيٺين۽ مٿين ٻئي سيٽون پاڻ وٽ رکڻ  سياسي خودڪشي جي برابر هوندو.بهتر ٿيندو ته مريم نواز کي موقعو ملي تھ ھو بلاول وانگر ڪنھن بھ اھڙي وزارت يا مشاورت جي ذريعي گورننس ۾ وڌيڪ تجربو حاصل ڪري.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن واقعي ايئن ٿي وڃي ٿو  ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي ڪٿي رکيو ويندو؟ لڳي ٿو ته کيس ان ڳالھھ جو احساس آهي ته شهباز ۽ حمزا کي جاءِ ڏيڻي آهي، ان ڪري مينار پاڪستان جي اسٽيج تي مريم کان پوءِ ھن جي سڀ کان وڌيڪ  ڌيان جو مرڪز شهباز شريف ۽ حمزا بڻيل هئا.عظيم ليڊر اهو هوندو آهي، جيڪو نه رڳو پنهنجي باري ۾، پر پنهنجي مخالفن جي باري ۾  به سوچي، صرف پنھنجن حامين کي خوش ڪرڻ جي پاليسي نه ٺاهي بلڪھ پنهنجي مخالفن کي به خوش ڪرڻ لاءِ سوچي، اڪثر ليڊر تنگ نظر هوندا آهن،اھي  مخالفن کي ماري سمجھندا آھن تھ کين زندگيءَ ملي ويندي جڏھن تھ مخالف مري وڃي ته ماريندڙ جي زندگيءَ جا ڏينهن به کٽي پوندا آهن.

ياد رکو ته جنهن ڏينهن ميان نواز شريف لاهورھاءِ ڪورٽ  جي بدنامھ زمانھ فيصلي جي ذريعي بي نظير ڀٽو کي نااهل قرار ڏنو هو، ان ڏينهن اهو فيصلو ٿي ويو هو ته ٻيو وارو نواز شريف جو هوندو ۽ ائين ئي ٿيو.هاڻوڪي تاريخ ۾ جڏهن عمران خان پنهنجي حريف نواز شريف کي جيل ۾ وجهڻ کان پوءِ فخر سان ڇاتي ويڪري ڪري ڦري رھيو ھو، ان وقت کان نظر اچي رهيو هو ته نوازشريف آزاد ٿيندو ۽ جڏهن عمران خان اقتدار ڇڏيندو ته هو بھ جيل ياترا تي ويندو.

حيرت جي ڳالهه آهي ته سياست ڪندڙن کي اها سادي ڳالھھ سمجهه ۾ ڇو نھ پئي اچي، ته جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽيندو پاڻ بھ ان ۾ ئي ڪرندو.هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هوءَ عظيم ليڊر بڻجي. ٻين جي کوٽيل کڏ ۾ مٽي وجھي ان کي ڍڪي ڇڏي ۽ ھڪ نئين سياست جي شروعات ڪري.

هو هن وقت خطي جو سڀني کان وڌيڪ تجربيڪار سياستدان آهي، مودي هجي، طالبان هجن، حسينه واجد هجي يا ايراني قيادت هجي، اهي سڀ ھن کان تجربي جي لحاظ کان جونيئر آهن، هو اڄ کان 33 سال اڳ وزيراعظم هو، ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ ھو ھاڻي رڳو وزيراعظم نھ بڻجي بلڪھ تاريخ ٺاهي.

ڏسڻو پوندو تھ جيڪڏهن کيس اقتدار ملي ٿو  ته هو کلاڙي سان ڇا ٿو ڪري ، جيڪڏهن هن کلاڙي کي سندس ئي حال تي ڇڏي ڏنو،ھو جيل ۾ ئي سڙندو رھيو، کيس چونڊن ۾ برابر جو موقعو نه ڏنو ويو ته پوءِ ھن ۾ ۽ کلاڙي ۾ ڪھڙو فرق رھجي ويندو؟

هن کي وڏو ٿيڻو آهي ته پوءِ کلاڙي ۽ سندس مينڊيٽ کي بھ عزت ڏئي.هن جو هٿ وٺي ڪري هن کي کڏ مان ڪڍي ۽ پنهنجي سامهون واري سيٽ تي ويهاري.جنھن ڏينھن انھن تضادن مان آجا ٿي ڪري، اسان سياسي مخالفن کي عزت ڏيڻ شروع ڪئي، ان ڏينھن کان پاڪستان نئون جنم وٺندو.ان ڏينهن کان آئين، جمهوريت ۽ پارلياماني روايتن جو مان مٿاھون ٿيندو ، سندس اچڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه سندس رويي تي منحصر هوندو. پر جيڪڏھن سير تي سوا سير ٿيندو رھيو تھ پوءِ ڪجھ بھ تبديل نھ ٿيندو.ھا  جيڪڏهن هن کي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ٺاهڻو آھي تھ پوءِ کيس کلاڙي کي کيڏائڻو پوندو.

 

منهنجو اندازو آهي ته اھو معاملو اڳ ۾ ئي خاندان ۾ طئي ٿي چڪو آهي، جنهن مطابق نون ليگ جو وزارت عظميٰ جو اميدوار نواز شريف هوندو، اليڪشن کٽيو ته اھو وزيراعظم بڻجندو.پر هو پنهنجو مدو پورو نه ڪندو. هڪ ٻن سالن کان پوءِ هو پنهنجي ڀاءُ کي پنھنجي جاءِ تي آڻيندو ۽ خود حڪومت کان ٻاهر ويهي ڪري ان جي رھنمائي ڪندو.مستقبل جي سياست ۾ ھن جي نمائندگي مريم نواز ڪندي، مريم نواز جي خواهش وزيراعليٰ  پنجاب بڻجڻ آھي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.