ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي پرنٽنگ ۽ پبليڪيشن بجيٽ ۾ پنجاهه ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن موجب، سنڌ اسيمبيل ۾ ڪرپشن ۽ گهوٻين جو هڪ اسڪينڊل سامهون آيو آهي.
ذريعن جوچوڻ آهي ته اسيمبلي جي پرنٽنگ ۽ پبليڪيشن واري بجيٽ ۾ پنجاهه ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن خط لکي ڇڏيو آهي.
سينيئر اسپيشل سيڪريٽري جي خط ۾ معاملو اينٽي ڪرپشن کي موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي.
خط جي متن موجب، گذريل 38 سال کان هينئر تائين رڳو 1785 ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رڳو چار سئو ڏينهن جي اجلاس ۾ تقريرن جو پرنٽ ۾ رڪارد موجود آهي، 1384 ڏينهن جو رڪارڊ اڃا تائين پينڊنگ آهي جڏهن ته گهڻو رڪارڊ گم ٿي چڪو آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قانون پٽاندڙ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري جي ذميواري آهي ته هو هر اجلاس جي ڪارروائي جي رپورٽ تيار ڪرائندو.
ايم ايڇ حسن شاهه ايوان جي ڪارروائي ۽ رڪارڊ محفوظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن جي بجيٽ مان پنجاهه ڪروڙ رُپين جون گهوٻيون ڪيون، ايم ايڇ حسن شاهه کي غيرقانوني طور ترقي ڏئي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري بڻايو ويو، ملوث آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس ڏئي معاملو اينٽي ڪرپشن ڏانهن اُماڻيو وڃي ۽ پينڊنگ ۾ پيل رڪارڊ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽيم جوڙي وڃي.