دنيا جي ٽيڪنالوجي ڪمپنين طرفان پاسورڊ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊگھي عرصي کان ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
پر ان معاملي ۾ گوگل سڀني ڪمپنين کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ۽ پاسورڊ کي ماضي جو قصو بڻائيندڙ ٽيڪنالوجي پاس ڪيز کي پنهنجي نيٽورڪ جي سڀني اڪائونٽس لاءِ سائن ان ٿيڻ جو ڊيفالٽ طريقيڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته ان ٽيڪنالوجي کي سيپٽمبر 2022ع ۾ اپيل متعارف ڪرايو هو.
پاس ڪيز کي سڀ کان پهريان ايپل جي آءِ او ايس 16، ميڪ او ايس وينچرا ۽ آءِ پيڊ او ايس 16 جو حصو بڻايو ويو هو.
ان کان پوءِ آڪٽوبر 2022ع ۾ گوگل اينڊرائڊ فونز ۽ ڪروم ويب برائوزر ۾ پاس ڪيز سپورٽ جو اضافو ڪيو هو.
پاس ڪيز بنيادي طور تي ڊجيٽل ڪيز آهن جن جو استعمال سولو هوندو جڏهن ته وڌيڪ محفوظ به آهن ڇو جو ڪنهن به ويب سرور تي اسٽور ناهن ٿينديون.
ڊگھي پاسورڊ بدران اها ٽيڪنالوجي 4 اکرن تي ٻڌل ڪوڊ يا بائيوميٽرڪ جي تفصيلن کي لاگ ان ٿيڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن.
جيتوڻيڪ ان ٽيڪنالوجي جي استعمال سان هيڪرز لاءِ ماڻهن جي اڪائونٽس تائين پهچ ناممڪن ٿي ويندي، ان ڪري گوگل طرفان سائن ان ٿيڻ جو ڊفالٽ طريقيڪار بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
گوگل طرفان هڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو ته واهپيدارن کي پروموٽ يا نوٽيفڪيشن موڪلي نئين تبديلي کان آگاهه ڪيو ويندو ۽ کين چيو ويندو ته هو روز پنهنجي لاءِ هڪ پاس ڪِي بڻائين.
پاس ڪِي بنائڻ سولو آهي
پاس ڪِي بنائڻ گھڻو سولو آهي، ان لاءِ اوهان کي گوگل جي آفيشل پاس ڪيز ويب سائيٽ تي وڃي يا ان بائيوميٽرڪ ڊيٽا کي تيار ڪرڻو پوندو جيڪا اوهان جي اڪائونٽ سان سلهاڙيل هوندي.
پاس ڪيز بنيادي طور تي اوهان جي سمارٽ فون ان لاڪ ڪرڻ جي طريقيڪار جهڙوڪ فنگر پرنٽ، پن ڪوڊ يا فيس ان لاڪ وغيره تي ٻڌل هونديون آهن.
جڏهن پاس ڪِي تيار ٿي ويندي، ته اها انهن سمورن ڊوائيسز تي ڪم ڪندي جن ۾ گوگل پاسورڊ مئنيجر کي استعمال ڪيو ويندو.
ان جو مطلب اهو به آهي ته فون گم ٿيڻ تي به اوهان کي سڀني اڪائونٽس تائين پهچ حاصل هوندي.
پر ڪمپيوٽر تي ان لاءِ ضرورت هوندو ته آپريٽنگ سسٽم ونڊوز 10 يا ان کان پوءِ جو هجي، جڏهن ته سمارٽ فون ۾ اينڊرائڊ 9 يا ان کان بعد جي آپريٽنگ سسٽم جو هجڻ ضروري هوندو.
گوگل موجب اڃا پاسورد جو استعمال مڪمل طور تي ختم نه پيو ڪيو وڃي ۽ واهپيدار چاهي ته سائين اِن آپشنز پيج تي وڃي Skip Password When Possible جي آپشن کي ٽرن آف ڪري سگھجي ٿو.