” عوام کي نواز شريف مان وڏيون اميدون آهن“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليف ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ آهي ته هن وقت ملڪ کي ايڪي ۽ مفاهمت جي ضرورت آهي، نواز شريف کي معيشت جي بحالي ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته عوام کي نواز شريف مان وڏيون اميدون آهن، ملڪ کي انتقامي سياست نه پر مضبوط معيشت جي ضرورت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي رليف ڏيڻ ۽ قومي مفادن جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.