” مون کي پاڪستاني نه چئو“ وقار يونس جي بيان سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ جمعي تي ٿيل ميچ دوران قومي ٽيم جي ڪپتان وقار يونس جي بيان سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو .

وقار يونس پاڪ-آسٽريليا ميچ کانپوءِ ٽي وي تي مزاحيه انداز ۾ تبصرو ڪيو.

اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان ورلڊ ڪپ لاءِ آفيشل براڊ ڪاسٽرز جي ٽيم جو حصو آهي، ان کانسواءِ هو ورلڊ ڪپ ڪامينٽري پئنل ۾ پڻ شامل آهي.

وقار يونس آفيشل براڊ ڪاسٽرز جي پوسٽ ميچ شو ۾ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين واٽسن ۽ اڳوڻي ڪپتان ايرون فنچ سان گڏ تبصرو ڪيو.

تبصرو ڪندي وقار يونس چيو ته ” هو اڌ آسٽريلوي آهي مون کي صرف پاڪستاني نه چئو “ .

واضح رهي ته وقار يونس جي گهرواري ڊاڪٽر فريال آسٽريلوي شهري آهي ۽ وقار ڊگهي عرصي کان پنهنجي ڪٽنب سان گڏ آسٽريليا ۾ رهندو آهي.

وقار يونس جو تبصرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدار اڳوڻي ڪپتان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

ياد رهي ته آسٽريليا ورلڊ ڪپ جي 18 هين ميچ ۾ پاڪستان کي 62 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.