آسٽريليا هٿان شڪست جو ذميوار ڪير؟، حريم شاهه به سوال اُٿاري ڇڏيا

مشهور ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي بي شڪست کانپوءِ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي بابت سوال اُٿاري ڇڏيا.
گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون بئنگلورو جي ايم چناسوامي اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون هيون جتي ڪينگروز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 367 رنسون ٺاهيون، هدف پٺيان ڊوڙندي ٽيم 46 هين اوور ۾ 305 رنسن ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ ائين آسٽريليا ميچ 62 رنسن تان کٽي ورتي.


ميچ کانپوءِ ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ” ۽ اسان هڪ ٻي ميچ هارائي وياسين“ .
حريم شاهه ڪرڪيٽ پرستارن کان سوال ڪيو ته اوهان جي خيال ۾ پاڪستان ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جو ذميوار ڪير آهي؟ .
ٽِڪ ٽاڪر جي سوال تي هڪ صارف چيو ته ڪالهه واري ميچ ۾ بابر اعظم جو تڪڙو آئوٽ ٿيڻ ميچ هارائڻ جو سبب بڻيو آهي سڀني کي خبر آهي ته بابر اسپين تي آئوٽ ٿي ويندو آهي پوءِ کيس تڪڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
ڪاشف ملڪ نالي واهپيدار چيو ته خراب سليڪشن، اڻ تجربيڪاري، ماڊرن ڪرڪيٽ کي نه سمجهڻ ۽ تجريبڪار رانديگرن کي کوٽ شڪست جو سبب بڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.